افغانستان جي عبوري حڪومت جا عهديدار اڄ ذميواريون سنڀاليندا

0
362
افغانستان جي نئين عبوري

ڪابل: افغانستان جي عبوري حڪومت جا عهديدار اڄ ذميواريون سنڀاليندا، وزير اعظم مُلا حسن اخوند، نائب وزير اعظم مُلا عبدالغني برادر، گهرو وزير سراج الدين حقاني ۽ دفاع وارو وزير مولوي محمد يعقوب مجاهد سميت 27 ڪابينا ميمبرز مان 14گڏيل قومن جي عالمي دهشتگردن واري بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا آھن، عبوري حڪومت جي عهديدار ذبيح الله مجاهد چيو آهي ته هاڻ ڪابل ۾ احتجاج حڪومت جي اجازت سان مشروط هوندا.

ٻئي پاسي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان ۾ تبديلي هڪ حقيقت آهي، ڪابل بابت سڀ اڳڪٿيون غلط ثابت ٿيون، عبوري حڪومت جو اعلان ٿي ويو پر رتو ڇاڻ جو ڪو واقعو پيش نه آيو، پاڪستان افغانستان ۾ آيل تبديلين جو جائزو وٺي رهيو آهي، اسان کي افغانستان جي عوام سان سهڪار ڪرڻو پوندو، تبديلين سان نوان چيلينجز آيا آهن، جن کي گڏيل طور منهن ڏئي سگهجي ٿو.

ھي به پڙھندا

https://thetimenews.tv/%d8%a7%d9%81%d8%ba%d8%a7%d9%86%d8%b3%d8%aa%d8%a7%d9%86-%d8%ac%d9%8a-%d9%86%d8%a6%d9%8a%d9%86-%d9%86%da%af%d8%b1%d8%a7%d9%86-%d8%ad%da%aa%d9%88%d9%85%d8%aa-%d8%ac%d9%88-%d8%a7%d8%b9%d9%84%d8%a7%d9%86/