جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ وفاق خلاف پيپلزپارٽي پاران سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو، صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي، پ پ ايم پي اي ڊاڪٽر سھراب سرڪي ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري قومي شاهراهه تي زيرو پوائنٽ وٽ ڌرڻو هنيو ويو. چار ڪلاڪن تائين لڳل ڌرڻي سبب سنڌ بلوچستان طرف ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ گاڏين جون قطارون لڳي ويون احتجاج ۾ عورت توڙي مرد ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو خطاب ڪندي چيو ته وزيراعظم عمران خان کي عوام ناهي چونڊيو سڄي ملڪ ۾ اڪثريت سان ڪامياب ناهي ٿيو ماڻھن کي ملائي ھن کي حڪومت ٺاهي ڏني وئي آهي، مان عمران خان کي سڄي پاڪستان جو وزير اعظم سمجھان ئي نه ٿو ڇو ته ھو صوبائي خودمختياري جو مخالف آھي اين ايف سي ايوارڊ جي حوالي سان وزيراعظم سنڌ ۾ اچي گھوٽڪي ۾ چيو ته سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه وفاق کي ڪنگال ڪري ڇڏيو آهي ھاڻي وري اھو چيو وڃي ٿو ته سنڌ اسان سان ناهي، سنڌ پاڪستان جي ماءُ آهي جڏهن ملڪ کي ماءُ کان ڌار ڪيو ويو آهي ته سنڌ واسي ان جي تعصب کي سمجھي ويندا، عمران خان کي 2013 ۽ 2018 ۾ سنڌ واسين رد ڪري ڇڏيو آهي ڪراچي ۾ جيڪي ڪامياب ٿيا اھي پھرين ھار سمجهي گهر وڃي سمھي پيا بعد ۾ انهن کي ننڊ مان اٿاري ٻڌايو ويو ته اوھان ڪامياب ٿيا آهيو ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي جاھل ۽ اڻپڙهيل سڏيو وڃي ٿو ٻڌايو وڃي ته قائداعظم ڪٿان جو ھو، وزيراعظم جنرل مشرف جي ٻولي ڳالهائي ٿو پاڻ کي چونڊيل سمجهي ٿو اسان ان کي مصنوعي چونڊيل سمجهون ٿا، سنڌي قوم ايم آر ڊي تحريڪ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، ضياء الحق ۽ مشرف خلاف اٿي بيٺي، قوم کي ھاڻي زنده ٿيڻ جو ثبوت ڏئي سندرو ٻڌي اٿڻو پوندو ھر ضلعي ۾ ھر روز احتجاج ڪيو ويندو ھن وڌيڪ چيو ته ٽن صوبن ۾ پبلڪ سروس ڪميشن آهي سنڌ ۾ پبلڪ سروس کي معطل ڪيو ويو آهي پاڪستان جو اٽارني ان معاملي تي عدالت نه ٿو اچي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي ڪم ڪرڻ نه ڏيندا ته نوجوانن جي روزگار جا دروازا بند ٿي ويندا ھن وڌيڪ چيو ته اسان جون زمينون سرسبز رهنديون جنهن سان سنڌ نه پر پورو ملڪ معاشي طور مستحڪم ٿيندو پر ناتجربيڪار عمران سرڪار سنڌ ۾ هٿرادو پاڻي جو بحران پيدا ڪري سنڌ کي معاشي طور تباهه ڪرڻ چاهي ٿي جيڪڏهن سنڌ زرعي لحاظ سان تباهه ٿيندي ته ملڪ به معاشي بحران جو شڪار ٿيندو هن چيو ته پاڻي هوندو ته هاري ناري خوشحال هوندو يا وري وزيراعظم سنڌ ۽ سنڌ جي عوام کي خوشحال ڏسڻ نه ٿو چاهي هن چيو ته آدم شماري ۾ سنڌ جا انگ اکر تسليم نه ڪيا ويا انهي ڪري ته جيئن اين ايف سي ايوارڊ ۾ حصو گهٽ ملي سنڌ جي اٺن بدران چار گهر ڀاتي ڏيکاريا ويا ۽ پنجاب جي ٽن ڀاتين کي اٺ ڀاتي ڏيکاري اسان جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي سنڌ ۾ جيتري بجلي جي لوڊ شينڊنگ ڪئي وڃي ٿي جو اسان جون مائرون ڀينرون ٻارڙا رات جو سڪون جي ننڊ به نٿا ڪري سگهن ھن چيو ته فريال ٽالپر، آصف زرداري سميت پيپلزپارٽي جا اڳواڻ ڪيسن کي منهن ڏئي رهيا آهن خورشيد شاهه جيل ۾ آهي پر وزيراعظم جا صلاحڪار غبن ڪرڻ باوجود اسرائيل سميت ٻين ملڪن جو دورو ڪري رهيا آهن اھا ڪٿان جي انصاف آهي ھڪڙا جيل ۾ ھجن ٻيا وري ٻاھرين ملڪ گهمندا پيا وتن ان کي انصاف ناهي چئبو ھن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي اڳواڻ نيب جي ڪيسن کي مڙسي سان منهن ڏئي رهيا آهن اين آر او نه کپي ڪيسن کي منهن ڏئي ھمت سان اڳتي وڌنداسين ان موقعي تي ايم پي اي ڊاڪٽر سھراب سرڪي، اورنگزيب پنھور، لياقت علي لاشاري، علي نواز پنهور ۽ ٻين خطاب ڪيو