جهڏو (رپورٽ: سريش ڪمار) جهڏو ۾ همراهه ڦاهو ڏئي مبينا قتل، وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ، وارثن جو چوڻ آهي ته کيس قتل ڪري لاش ٽنگيو ويو آهي، قتل ۾ اهي ماڻهو ملوث آهن جن اڳ ۾ سندس گهرواري کي به قتل ڪيو هو ۽ سندس ڌيءُ کي فحاشي جي اڏي تي ويهاريو آهي. خبر موجب اسلم ٽائون  جي رهواسي ٽن ٻارن جي پيءُ 45 سالا نوجوان والجي پٽ لکمڻ ڪولهي جو گهر ٻاهران وڻ ۾ ڦاهو کاڌل لاش هٿ ڪيو ويو، اطلاع تي پوليس لاش آر ايڇ سي جهڏو منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن مقتول جي ماسي شريمتي راڳي الزام هڻندي چيو ته سندس ڀاڻيجي کي ڪرمڻ ڪولهي، ان جي پٽ ۽ زال قتل ڪرڻ بعد لاش وڻ ۾ ٽنگيو آهي، هن چيو ته سندس ڀاڻيجي جي گهر واري کي به ڄاڻايل جوابدارن ڪجهه عرصو اڳ مٿي ۾ سروٽا هڻي قتل ڪيو هو، هن ٻڌايو ته ڀاڻيجي جي هڪ نوجوان ڌيءَ آهي، جنھن کي ڪرمڻ ۽ ان جي گهر واري فحاشي اڏي تي ويهاري ان کان بدپيشو ڪرائين ٿا، جنهن تي منهنجي ڀاڻيجي اعتراض ڪيو هو، جنهن تان کيس ڄاڻايل ماڻهن قتل ڪيو آهي، هن مطالبو ڪيو ته معاملي جي اڻ ڌريي جاچ ڪرائي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻئي طرف پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته همراهه جي جسم تي ڪو به تشدد جو نشان نه هو، وڌيڪ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد خبر پوندي.