ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ  بزرگ شهرين کي علاج ۾ 25 سيڪڙو رعايت نه ڏيڻ ۽ آزادي ڪارڊ جاري نه ڪرڻ خلاف درخواست تي سرڪاري وڪيل کي 5 هفتن اندر قانون تي عملدرآمد ڪري اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ڪالهه ڄاڻايل درخواست تي ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سينيئر سٽيزن ايڪٽ تحت خانگي اسپتالن ۾ علاج جي سهولتن ۾ 25 سيڪڙو رعايت ڏني وڃي. وڏين پرائيويٽ اسپتالن ۾ بزرگ شهرين کي علاج ۾ رعايت نه پئي ڏني وڃي، ضلعي سطح تي اولڊ هومز جوڙيا وڃن ته جيئن بزرگ شهرين کي سهولت فراهم ڪري سگهجي. ان موقعي تي سرڪاري وڪيل موقف اختيار ڪيو ته بزرگ شهرين لاءِ آزادي ڪارڊ جاري ڪرڻ ۽ قانون تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ وقت گهربل آهي، جنهن ڪري عدالت کي استدعا آهي ته مهلت ڏني وڃي، جنهن تي عدالت قانون تي عملدرآمد ڪري پنج هفتن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.