ڪابل (م ڊ) طالبان افغانستان تي ڊرون حملن جي حوالي سان خبردار ڪندي چيو آهي ته افغانستان تي ڊرون حملا ڪندڙ ذميوار پاڻ هوندا. طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد ٽوئيٽر تي آمريڪا سميت ٻين ملڪن کي خبردار ڪيو ته عالمي حقن ۽ قانونن جو احترام ڪندي افغانستان تي ڊرون حملا بند ڪريو. هن چيو ته ڊرون حملا بند نه ٿيڻ جي صورت ۾ حالتن جي ذميواري ڀڃڪڙي ڪندڙ ملڪن تي لاڳو هوندي، اهي ذميوار پاڻ هوندا.