ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ميڊيڪل يونورسٽين ۾ داخلا جي خواهشمند شاگردن ۽ شاگردياڻين سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي، درخواستگذار شاگردن ۽ شاگردياڻين موقف اختيار ڪيو آهي ته پي ايم سي ميڊيڪل ۾ داخلا جي طريقيڪار کي مونجهاري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، هڪ کان وڌيڪ ٽيسٽ جو طريقيڪار متعارف ڪرائي شاگردن کي داخلائن کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، درخواستگذارن وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته پرائيويٽ ميڊيڪل ڪاليجز جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي، کين فين ۾ به اضافي جي اجازت ڏني وئي آهي، شاگردن وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته سنڌ جي شاگردن جي ٽيسٽ ۾ ٻين صوبن جو سليبس شامل ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح سنڌ جي شاگردن تي ميڊيڪل ڪاليجز ۾ داخلا جا دروازا بند ڪيا پيا وڃن .