ڪراچي: سنڌ ايمپلائيز سوشل سيڪيورٽي انسٽيٽيوٽ ۾ نوٽ شيڊ تي ڪيڊر تبديل ڪري 8 آفيسر به ٿيل آهن، جن جي گورننگ باڊي کان منظوري ئي نه ورتي وئي. “پنهنجي اخبار” کي مليل دستاويزن موجب 2 اسسٽنٽس وسيم جمال ۽ عقيل خرم، جونيئر ڪلارڪ سيد اطهر حسين کي سوشل سيڪيورٽي آفيسر مقرر ڪيو ويو. اهڙي ريت ڊي اي او طاهر نهال ۽ اڪائونٽس اسسٽنٽ فرج علي قريشي کي آڊٽ آفيسر مقرر ڪيو ويو. ڊسپينسر اعجاز ۽ ارشد منظر کي اسسٽنٽ ۽ چوڪيدار عبدالرشيد کي جونيئر ڪلارڪ بڻايو ويو، ذريعن موجب ڄاڻايل معاملو گورننگ باڊي ۾ به بحث هيٺ نه آيو ۽ نه ئي وري اختيارين طرفان نوٽيس ورتو ويو.