اشو آف دي ڊي … موٽروي پوليس آفيسر جو ڌنار مٿان تشدد وڊيو وائرل: سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل

0
174

موٽروي پوليس آفيسر پاران ڌنار مٿان تشدد واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته موٽروي پوليس آفيسر ڌنار کي ڳچي کان پڪڙي بيٺو آهي ۽ ڌنار کيس ڇڏڻ لاءِ منٿون ڪري ٿو، پيرين به پوي ٿو، پر پوليس آفيس چوي ٿو ته تون پهلواني ڏيکاري رهيو آهين، سوشل ميڊيا تي ڄاڻايو ويو ته ڌنار جون مينهون موٽروي تي چڙهي ويون جنهن تي موٽروي پوليس ڪارروائي ڪئي، سوشل ميڊيا تي اها وڊيو وائرل ٿي وئي آهي ۽ موٽروي پوليس مٿان تنقيد ڪئي پئي وڃي، رشيد سڌايو وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته هنن جو دماغ خراب آهي، اسان جي جانورن کان به نفرت ڪن ٿا، هن آفيسر کي سزا ڏني وڃي، جنهن تي ايڊووڪيٽ هشمت علي ابڙو لکيو ته مطلب دماغ موٽروي واري جو خراب آهي ؟ باقي مال چارڻ وارو موٽروي جا وڻ ختم ڪري اهو ٺيڪ آهي؟ وڻن جي حفاظت سڀني جو فرض آهي. شبير سهتو به اهڙي وڊيو شيئر ڪئي، سهتو اڪبر سنڌي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته قانون رڳو غريب لاءِ آھي، موٽر وي پوليس جو ڪارنامو…پورهيت جون مينهون موٽر وي تي چڙهي وڃڻ جي سزا ڏني وئي، پورهيت جون منٿون پر موٽر وي پوليس جا چنبا غريب جي منهن تي ، غريب سان انصاف ڪيو وڃي، جنهن تي مشڪور ڦلڪارو لکيو ته بد اخلاقي جي حد آهي، اھڙي پوليس واري خلاف ڪارروائي جي سخت ضرورت آهي، وڏيرن اڳيان ڪجهه نٿا ڪن باقي پورھيت ڌنار سان پھلواني،  روڊ کان ھيٺ اچي وڙھي پيو، رمضان علي راڄپر به ردعمل ڏنو، زاهد ڏاهري لکيو ته جيڪڏهن ڪو حادثو ٿئي پوءِ وري سڀ پوليس واري کي گاريون ڏين ھا، علي حسن انڙ لکيو ته ڄڻ موٽروي هن جو پنهنجو هجي، اياز سمير به ردعمل ڏنو، شير علي کوسو لکيو ته جيڪو غريب تي ظلم ڪري پيو ان خلاف قانون ايڪشن ۾ اچڻ گهرجي، علي شاهين لکيو ته موٽري وي جي اسپيڊ جي حد 200 جي آهي ان روڊ تي مال جو هجڻ وڏي حادثي جو سبب ٿي سگهي ٿو، محمد علي شر، اسد الله، سليم خان، عرفان علي دايو، محمد سليم، نبي بخش، خان ابڙو به ردعمل ڏنو. هڪ ٻي پوسٽ تي مهير خان جتوئي لکيو ته وڏو ڪارنامو موٽروي پوليس جو، توپن جي سلامي ڏجي ٿي، علي نبيل خان لکيو ته ڀلو ٿو ڪريس، موٽر وي تي اوچتو مينهون اچي وڃڻ جو انجام سمجهو ٿا؟؟ پوليس آفيسر بلڪل صحيح ڪيو، احسان جروار لکيو ته شرم ناهي انهن ۾، ڪنهن مظلوم هاري پورهيت مزدور تي انهن  جي ڪاوڙ ، باقي ڏوهاري سرعام ٿا گهمن، ابوبڪر پالاري لکيو ته موٽروي پوليس جي اعليٰ اختيارين کي ايڪشن کڻڻ گهرجي، امتياز علي مشوري افسوس جو اظهار ڪيو، نعمان احمد اڄڻ لکيو ته مظلوم هاري پورهيت مزدور تي انهن کي ڪاوڙ ٿي اچي باقي ڏوهاري سرعام ٿا گهمن، مهراڻ پنهور، منظور احمد به ردعمل ڏنو.