دوحا(اسپورٽس نيوز) فيفا ورلڊ ڪپ ۾ برازيل سربيا، ايران ويلز ۽ سينيگال قطر کي شڪست ڏئي ڇڏي. ان سلسلي ۾  فيفا ورلڊ ڪپ ۾ جي گروپ ۾ اڳوڻي عالمي چئمپين برازيل سربيا کي 2-0 تان شڪست ڏئي ڇڏي. لوسيل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ جي پهرين هاف تائين ٻنهي ٽيمن طرفان ڪنهن به گول نه ڪيو. ٻئي هاف جي شروع ۾ برازيل جارحاڻي راند پيش ڪندي رچرليسن پهريون گول 62 هين منٽ ۾ ڪيو جڏهن ته 11 منٽن کانپوءِ رچرليسن ئي ٻيو گول ڪيو.  اهڙي طرح برازيل سربيا کي 2-0 تان شڪست ڏئي ورلڊ ڪپ ۾ ڪاميابيءَ سان شروعات ڪئي. هوڏانهن فيفا ورلڊ ڪپ جي گروپ بي جي ميچ ۾ ايران ويلز کي دلچسپ مقابلي کان پوءِ 2-0 تان هارائي ڇڏيو. ٻنهي ٽيمن مقرر وقت ۾ هڪ به گول ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيون. اضافي وقت ۾ ايران جي ٽيم 2 گول ڪيا. ايران طرفان 98 هين منٽ ۾ روزبا چشمي ۽ 101 هين منٽ ۾ رامن رضائن گول اسڪور ڪيو. ايران ويلز کي شڪست ڏئي فيفا ورلڊ ڪپ ۾ پهرين ڪاميابي حاصل ڪئي. ٻئي طرف گروپ اي جي ميچ ۾ سينيگال قطر کي 3-1 تان شڪست ڏئي ڇڏي.  سينيگال طرفان بولي ديا 41 منٽ ۾ گول ڪري ٽيم کي 1-0 جي برتري ڏياري، فامارا 48 منٽ ۾ ٻيو گول ڪري ٽيم کي 2-0 جي برتري ڏياري، بمبا ڊينگ ميچ جي 84 هين منٽ ۾ گول ڪري ٽيم کي 3-1 جي برتري ڏياري، قطر طرفان واحد گول محمد منتري 78 هين منٽ ۾ ڪيو.