اشو آف دي ڊي … ملڪ جي چئني صوبن جو ڌار جهنڊو ۽ الڳ سڃاڻپ ڪارڊ ٺهڻ گهرجي: سعيد الزمان جي تجويز تي بحث

0
196

  سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان تجويز ڏني آهي ته دنيا جي ٻين ملڪن وانگر هر صوبي جو الڳ جهنڊو ۽ الڳ سڃاڻپ هجڻ گهرجي اهڙي تجويز کانپوءِ جتي حمايت ڪئي پئي وڃي اتي سوشل ميڊيا تي هڪ نئون بحث به شروع ٿي ويو آهي. ان حوالي سان گل ميتلو پوسٽ شيئر ڪئي ته جيئن ته دنيا جي مختلف ملڪن جي هر هڪ صوبي جو الڳ جهنڊو ۽ الڳ سڃاڻپ ڪارڊ هوندو آهي تئين ئي هن ملڪ ۾ سمورن صوبن لاءِ الڳ سڃاڻپ ڪارڊ ۽ جهنڊا هجڻ گهرجن، چيئرمين سنڌ ادبي بورڊ مخدوم سعيدالزمان اهڙي  تجويز ڏني آهي. جنهن تي امر سنڌو لکيو ته ڇا اھو ادبي بورڊ جو مينڊيٽ آھي ته اھو ڪتاب ڇاپڻ جي بجائي غير ضروري تڪرار جو حصو بڻجي آئيني معاملا طئي ڪري ته صوبائي خودمختاري ڪيتري ملڻ کپي. رمضان بليدي لکيو ته بھترين تجويز آھي پر ھن ملڪ ۾ ائين ٿيڻ ناممڪن آھي، نظام شيخ لکيو ته سائين، ڳالھه ته چڱي آهي. پر ادبي بورڊ وارا پھرين ڍڳي وارو نشان تہ بحال ڪن!باغي رفيق سنڌي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مخدوم سعيد الزمان تجويز ڏني آهي ته دنيا جي مختلف ملڪن جي هر هڪ صوبي جو الڳ جهنڊو ۽ الڳ سڃاڻپ ڪارڊ هوندو آهي تئين ئي هن ملڪ ۾ سمورن صوبن لاءِ الڳ سڃاڻپ ڪارڊ ۽ جهنڊا هجڻ گهرجن، جنهن تي شڪيل احمد ڪيريو، ڪامريڊ علي ڀائي سنڌي، وسيم ملاح  لکيو ته سٺي تجويز آهي. رزاق عاصي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مخدوم سعيد الزمان چيو آهي ته ملڪ جي چئني صوبن جو ڌار جهنڊو ۽ الڳ سڃاڻپ ڪارڊ ٺهڻ گهرجي، جنهن تي محمد يوسف ڀنڀرو، ڪومل سنڌي، نصير احمد ٿهيم، طارق سنڌي، انيل حب علي، سيد ظاهر حسين شاهه ۽ ٻين اهڙي ڳالهه سان اتفاق ڪيو، افضل شر لکيو ته نه رڳو جهنڊو پر ڪرنسي به الڳ هجڻ گهرجي، محسن رند به پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مخدوم سعيد الزمان چيو آهي ته دنيا جي مختلف ملڪن جي هر هڪ صوبي جو الڳ جهنڊو ۽ الڳ سڃاڻپ ڪارڊ هوندو آهي ايئن ئي هن ملڪ ۾ سمورن صوبن لاءِ الڳ سڃاڻپ ڪارڊ ۽ جهنڊا هجڻ گهرجن، سنڌ دوست ڌرين کي هن تجويز جي حمايت ڪرڻ گهرجي، ظهر عباس جويو لکيو ته بلڪل حمايت ڪرڻ گهرجي، تاج سنڌي لکيو ته سٺي تجويز آهي جبار ڪابورو لکيو ته حمايت ڪريون ٿا. محمد علي ابڙو لکيو ته دنيا جي ملڪن اندر آزاد خودمختيار رياستون هونديون آھن ان ڪري انهن جا جهندا به الڳ هوندا آهن اھي مڪمل فيصلن ۾ آزاد با اختيار هونديون آھن، نثار لغاري لکيو ته ڀلي تجويز آهي، قريشي حفيظ عقيلي لکيو ته ٺليون.. خبرون.. سعيد الزمان 3 سالن۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾ 51 سروري جماعت جا ماڻهو ڀرتي ڪيا آھن. بنيادي اسڪيمن جو ھڪ ڪتاب ڪونه ڇپرايو اٿس. انور علي سنڌي لکيو ته بهترين تجويز آهي، آفتاب حسين بوزدار لکيو ته بھترين تجويز ۽ ان تي عمل به ٿيڻ گھرجي، اياز کوسو لکيو ته بلڪل ايئن ڪرڻ گهرجي،انور علي شاهه لکيو ته بلڪل اسان ان تجويز جي حمايت ٿا ڪريون پر ھن ملڪ ۾ ان تجويز تي عمل ٿيڻ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ برابر آھي، بادشاهه انصاري لکيو ته بهترين تجويز آهي.دانش ترڪ، زاهد ملاح، زاهد ملاح، اعجاز چانڊيو، ارشد سولنگي، سليم ٿيٻو، عبدالله ٻگهيو، اظهر گاڏهي، آصف سومرو، محمد زمان هنڱورجو، رشيد احمد به اهڙي تجويز جي حمايت ڪئي، اصغر کاڻوٺي لکيو ته ڍڳي وارو لڳو ته پهرين بحال ڪري.