پوليس کي جديد هٿيار ۽ ٽيڪنالوجي ناهي ملي!

 

جديد ٽيڪنالوجي ۽ هٿيار خريداري لاءِ وڏي رقم جي منظوري سان گڏ پوليس نفري ۾ اضافي پنجاپ ۽ بلوچستان سان پوليس سان گڏيل طور آپريشن ڪچي جي علائقي ۽ ٻيلي واري هنڌ اسڪول ۽ ٻين بنيادي ضرورتن جي فراهمي سميت ڪيترائي اعلان جن تي اڃا تائين ڪو عمل درآمد نه ٿي سگهيو آهي، ڪڏهن پوليس جي آپريشنل ضرورتن کي پورو ڪيو ويندو؟ پوليس اهڙن ڏکين حالتن باوجود به جديد ۽ خطرناڪ هٿيارن سان ليس ڌاڙيلن جو گهيرو تنگ ڪري مقابلي لاءِ مصروف عمل نظر اچي رهي آهي. آءِ جي سنڌ جي سربراهي ۾ پهريون ڀيرو گهوٽڪي ۽ ڪشمور ضلعن جي آپريشنل ڪمانڊر ايس ايس پي تنوير تنيو ۽ ايس ايس پي عرفان سمون جي سربراهي ۾ جيڪا حڪمت علمي مرتب ڪئي وئي جنهن بعد ڀُنگ لاءِ اغوا جي وارداتن ۾ گهٽائي آئي آهي، چئين ضلعن جي ڪچي جي علاقي ۾ 250 کان وڌيڪ پڪيون ۽ مستقل پوليس چوڪيون قائم ڪيون پيون وڃن آهن، آءِ جي سنڌ جي ڪوششن جي ڪري سنڌ پوليس کي جديد هٿيار ۽ ٽيڪنالوجي خريداري لاءِ اڍائي ارب کان وڌيڪ رقم جي منظوري ڏني وئي آهي پر اڃا تائين جديد گاڏيون خاص طور تي جديد هٿيار وغيره پوليس کي فراهم ناهن ڪيا ويا. اهڙين ڏکين حالتن ۾ هر طرف سنڌ سان گڏيل پنجاپ صوبي جي ضلعي رحيم يار خان ۽ راجن پور ۾ پوليس ڀرپور آپريشن ۾ مصروف نظر اچي رهي آهي ۽ سنڌ پوليس خاص ڪري چئن ضلعن گهوٽڪي ۽ ڪشمور ۾ پوليس جوانن بهادري سان ڌاڙيلن جو گهيرو تنگ ڪيو آهي ۽ پوليس چوڪين ۾ 24 ڪلاڪ نفري موجودگي کي يقيني بڻايو ويو آهي، جنهن جي ڪري پوليس جي بهترين پيشور صلاحيتن جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پوليس ڪهڙي طرح جديد هٿيارن سان ليس ڌاڙيلن جي سامهون ڀِت بڻيل آهي، جيڪا بلند حوصلي سان گڏ انهن جو مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار آهي، جن وٽ اينٽي ايئر ڪرافٽ گنز، راڪيٽ لانچر سميت جديد هٿيار موجود آهن پر تنهن جي باوجود به پوليس پنهنجي بهتر حڪمت عملي ۽ ٽارگيٽيد آپريشن ۾ مصروف عمل آهي جيڪا ڌاڙيل راج جو خاتمو چاهي ٿي.

 

محمد اسلم ماڪو/پنو عاقل

تعليم انسان جي ٽين اک هوندي آهي‎‎!

 

ڪاڇو جيڪو قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، ڪاڇي مان قدرتي تيل ۽ گئس سميت ٻيون قدرتي معدنيات نڪري رهيون آهن، ڪاڇي ۾ اڄ به ڪيترائي اهڙا اسڪول آهن جيڪي بند پيل آهن، ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ نياڻيون تعليم جهڙي زيور کان محروم بڻيل آهن، ڪاڇي جي ڳوٺ پريو جمالي ۾ گرلس اسڪول ۾  گرلس ٽيچر پڻ مقرر ٿيل آهن جيڪي گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيا آهن، ڪو آفيسر انهن کي ڊيوٽي ڪرڻ جي لاءِ نٿو چوي، ڪاڇي ۾ وڏو ظلم متل آهي. ٻئي پاسي سماجي اڳواڻ اڪبر لاشاري، گل بهار رستماڻي، وقار مستوئي، سعيد احمد بروهي، طارق جمالي، آصف جمالي ۽ ٻين ٻڌايو ته ڪاڇي ۾ ڪيترائي اسڪول بند پيل آهن انهن اسڪولن ۾ استاد به مقرر ٿيل آهن جيڪي گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيا آهن، چوندا آهن ته نياڻي پڙهي ته ڄڻ قوم پڙهي، جيڪڏهن مرد پڙهيو ته هڪ فرد پڙهيو، جنهن لاءِ آئون وس وارين اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪندس، ايم اين اي دادو جوهي رفيق احمد جمالي ايم پي اي جوهي سيد صالح شاهه، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاهه صاحب کي عرض آهي ته ڪاڇي جا بند پيل اسڪول کولرايا وڃن ۽ ڊيوٽيون نه ڪندڙ استادن کي فارغ ڪيو ويو وڃي، اهڙي خاص مهرباني ڪري ڪاڇي ۾ نياڻي جي تعليم کي بچايو وڃي.

 

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

نفسياتي تنقيد!

 

نفسياتي تنقيد جو اهم قسم ۽ طريقو آهي، جنهن ۾ ليکڪ جي لکڻين مان خود ليکڪ جو نفسياتي جائزو ورتو وڃي يا ايئن کڻي چئجي ته ليکڪ جي نفسياتي صورتحال کي ڌيان ۾ رکي سندس شهپاري جو مطالعو ڪيو وڃي. نفسياتي تنقيد جو وجود اوڻويهين صدي عيسويءَ ۾ پيو، جڏهن ناليواري نفسيات دان سگمنڊ فرائيڊ، نفسيات جي علم کي فلسفي کان ڌار ڪري هڪ جدا علم جي حيثيت سان متعارف ڪرايو. نفسياتي تنقيد ۽ ٻين قسمن جي تنقيدن ۾ فرق اهو آهي ته ٻين تنقيدن ڪن فڪري لاڙن ۽ تحريڪن مان جنم ورتو آهي، جڏهن ته نفسياتي تنقيد علم نفسيات جي هڪ هيٺانهين شاخ آهي. جديد نفسيات ۾ شخصي تصورن جو لاڙو ۽ ادب ۽ ٻين تخليقي فنن جو تجزيو ڪرڻ نفسيات جي اڀياس ۾ شامل آهي، تنهن ڪري نفسياتي تنقيد ٻين تنقيدن جي ڀيٽ ۾ ادب ۽ فن جي وڌيڪ ويجهو آهي. ادب لاشعور جي پيداوار هوندو آهي، تنهن ڪري ادب تي صحيح معنيٰ ۾ تنقيد توڙي تحقيق به نفسياتي اصولن تحت لاشعوري محرڪن جي ڳولا ذريعي ئي ڪري سگهجي ٿي. ٻي صورت ۾ ڪيل تنقيد ۽ تحقيق صرف ۽ رڳو سطحي محسوس ٿيندي. نفسياتي مطالعي جا به ڪيترائي رُھخ ٿين ٿا، جيئن ليکڪ جو نفسياتي مطالعو. سندس تخليقي عمل جو مطالعو، تصنيف جي ڪردارن يا موضوعن جو مطالعو، تصنيف جو پڙهندڙ تي اثر ۽ ان جو مطالعو وغيره. نفسياتي تنقيد اڪثر ڊرامي جي فن سان لاڳو ٿئي ٿي، جنهن ۾ وري خاص طور تي ڪردار ۽ ڪردار نگاريءَ تي گهڻو زور ڏنو وڃي ٿو ۽ انهيءَ ذريعي ليکڪ جي شخصيت جو نفسياتي مطالعو ڪيو ويندو آهي.

اويس سونو خان راڄپر/نوشهروفيروز

 

اسان جو ڏوهه ڪھڙو آ، پڇون آخر پڇون ڪنھن کان!‎‎

 

سنڌ صوفين ۽ امن جي ڌرتي آھي جتي پيار ۽ امن جو درس ڏنو ويندو ھو، اڄ اھا سنڌ قبيلائي جھيڙن ۽ ڌاڙيلن جي ور چڙهيل آھي. معصوم ٻارڙن جو اغوا ٿيڻ ۽ انھن جو وڊيو ٺاھي وائرل ڪيو وڃي ٿو، سنڌ ۾ هڪ دھشت ڦھلجي رھي آھي. لاڙڪاڻي ۾ قبيلائي جھيڙن ۾ ھڪ ڌر 90 لک ڏنڊ ۽ ٻه نياڻيون چٽي ۾ ڏنڊ ۾ ڏنيون ويون آھن. سوشل ميڊيا تي جنھن جي وڊيو به وائرل  ڪئي وئي آھي. اتي انهن نياڻين کي خونن جي عيوض ۾ ڏنو ويو آهي، انھن معصوم نياڻين جو ڪھڙو ڏوھ آھي جو کين سگ چٽي طور ڏنو ويو آھي. سنڌ ۾ اڄ به جديد دور ۾ ٿاڦيل ريتن ۽ رسمن مان جان آجي ڪرائي نه سگھيا آهيون. خاص ڪري سنڌ جي لاڙڪاڻي، گھوٽڪي، جيڪب آباد، شڪارپور، ڪنڌ ڪوٽ، ڪشمور ۾ اڃا تائين قبيلائي جھيڙن مان جان ڇڏائي نه سگھيا آھيون. قابل ۽ ڏاھي انسان ڊاڪٽر خاوند ساوند کي به قتل ڪيو ويو جنھن صاف سٿري ترقي يافتا ملڪ فرانس کي ڇڏي پنھنجي ديس سنڌ کي اولي ڏني هئي پر ان کي به سنڌ جي قبيلائي جھيڙن برداشت نه ڪيو. سنڌ ۾ اھڙا روز ڪيس اخبارن ۾ رپورٽ ٿين ٿا پر ڏوھ ڪندڙن کي سخت قانوني سزا نٿي ڏني وڃي. انصاف ڪندڙن ادارا به انصاف ڪرڻ ۾ بلڪل ناڪام ٿي ويا آھن. چيڪ اينڊ بئلينس نه آھي. پوليس بيوس بڻيل آھي، اھا وڏيرن ۽ سياستدانن جي حڪم کان سواءِ تحرڪ ۾ نٿي اچي. سنڌ جا ٿاڻا وڪامجي ويا آھن. ڌاڙيلن وٽ ايترا جديد ھٿيار ڪٿا ٿا اچن؟ ڌاڙيل پوليس کان ڏاڍا ڇو آھن؟ پوليس ڌاڙيلن مان جان ڇو نه پئي ڇڏائي؟ بس ھيءَ سموري ڳٺجوڙ آھي. جڏھن به اليڪشن جو وقت ويجھو ايندو آھي ته وڏيرا، ڀوتار، سردار ڌاڙيل پاليندا آھن ۽ عوام کي اغوا ڪرائي اليڪشن جو خرچ ڪڍندا آهن. ڌاڙيل، وڏيرا، ڀوتار ۽ پوليس ھڪ ٻئي جا ساٿاري بڻيل آھن. ان ڪري سنڌ مان قبيلائي جھيڙا ختم نٿا ٿين، پوءِ ڇو نه نياڻين کي بي گناھ ڏنڊ چٽي ڏنو وڃي! آخر انھن جو ڏوهه ڪھڙو آھي؟ جيڪڏھن قانون کي صحيح استعمال ڪيو وڃي ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بھتر ٿي سگھي ٿي. سنڌ ۾ وري مھمانوازي، اوطاقون، ڪچهريون، رشتن جو احترام، وڏن جي عزت، نياڻين جون عزتون بچي سگھن ٿيون. سنڌ ۾ وري پيار، محبت ۽ امن امان بحال ٿي سگھي ٿو. جيڪڏھن ڏوهه ڪندڙن کي پنھنجي ڏوھ جي خبر پئجي وڃي، پڇون آخر پڇون ڪنهن کان، اسان جو ڏوهه ڪهڙو آ؟

 

ساگر شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ

 

گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪانڊيرو شودو کي سهولتون ڏيو!‎‎

 

چيو ويندو آھي ته اسڪول جو هڪ دروازو کولڻ مطلب جيل جو هڪ دروازو بند ڪرڻ جي برابر آھي ۽ اهي ئي قومون ترقي ڪنديون آھن جن جو لاڙو تعليم طرف هوندو آھي. سچ به اهو آھي ته جيئن انڌي لاءِ سهارو لٺ ھوندي آھي تيئن ئي انسان جي لاءِ وري سهارو تعليم هوندي آھي. هن جديد دور ۾ جتي دنيا وڃي چنڊ تي پهتي آھي ۽ دنيا جي ڪيترن ئي اسڪولن ۾ سائنسي ليباريٽرين کان ويندي جديد لائبريريون قائم ڪيون ويون آھن، اتي اسان جي هن ضلعي ۽ تعلقي سجاول جو گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ڪانڊيرو شودو جيڪو سڀني سهولتن کان محروم آھي. هتي فرنيچر، واشرومز،  اسڪولي چوديواري ۽ پيئڻ جو پاڻي ته پري جي ڳالھ آهي پر هتي ته اسڪول جي عمارت به زبون حاليءَ جو شڪار آھي، جنهن جي ڪري ڪنهن وقت به معصومن جي جاني نقصان جو خدشو آھي. جنهن جي ڪري هن اسڪول ۾ پڙھندڙ ٻار ڊپ ۾ ورتل هوندا آھن. اسان جي تعليم کاتي جي وزير سيد سردار علي شاهه صاحب، سيڪريٽري تعليم غلام اڪبر لغاري، هتان جي چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي جي آفيسرن کي گذارش ٿي ڪجي ته گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ڪانڊيرو شودو جي عمارت ٺھرائڻ سان گڏوگڏ ان اسڪول کي ٻيون سهولتون به فراهم ڪيون وڃن ته جيئن مستقبل جا معمار معياري تعليم حاصل ڪري هن ملڪ جي ترقيءَ ۾ پنهنجو حصو ڳنڍي سگھن.

 

پيروز مير خان شودو/ ٻيلو، سجاول

 

بندن جي ڪمزوري ۽ سندن مرمتي ڪم!

 

ميھڙ تعلقي سميت خيرپور ناٿن شاھ ۽ دادو جي ٻين تعلقن جي سوين ڳوٺن کي ٻوڏ جي پاڻي کان بچائڻ لاءِ انگريز سرڪار پاران جوڙايل ايف پي (فلڊ پروٽيڪشن بند) سرڪاري بيڌياني جي ور چڙھيل آھي. ميھڙ تعلقي جي ڪاڇي واري علائقي ۾ ميھڙ تعلقي جي حدن وارن علائقن ۾ بچاءَ بند جي حالت انتھائي خراب آھي. بچاءَ بند جي سالن کان مرمت نه ٿيڻ جي ڪري بند انتھائي ڪمزور ٿي ويو آهي. 2022ع ۾ ميھڙ تعلقي ۾ ٻوڏ جو سبب بڻجڻدڙ ۽ بند کي ميھڙ واري علائقي مارو جا ٺل ڀرسان گھارا پوڻ سبب ميھڙ تعلقي جي 11 يونين ڪائونسلن جي سوين ڳوٺن کي ٻوڙيندڙ بچاءَ بند کي لڳل گھارا بند ناھن ٿي سگھيا، جڏھن ته ھڪ ھفتو اڳ ايف پي بند کي لڳل گھاري واري ھنڌ ھڪ ٻارڙي ٻوڏ جي بيٺل پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي وئي ھئي. جنھن جو لاش 6 ڏينھن جي ڳولا کان پوءِ گھاري واري ھنڌ بيٺل پاڻي مان خاص ٺوٻا گھرائي ڪڍيو ويو ھو. ميھڙ ۾ بند کي ٻوڏ کان پوءِ پچنگ وارو ڪم شروع ناھي ڪيو ويو. مقامي ماڻھن موجب بند جي نالي ماتر مرمتي ڪم دوران بند جي مختلف ڪمزور جاين تي صرف اوڀر واري پاسي کان ڪجھ ڪلوميٽر تائين صرف ھڪ پاسي مٽي وڌي پئي وڃي. مون سون جي موسم اچڻ باوجود بند جو مرمتي ڪم نه ٿي سگھيو آھي. مقامي ماڻھن موجب بند جو مرمتي ڪم نه ٿيڻ سبب ايندڙ برسات سبب بلوچستان توڙي جابلو پٽي کان ايندڙ پاڻيءَ جو دٻاءُ بند برداشت ڪري نه سگھندو. سرڪار فوري طور تحرڪ وٺي بند جو ھنگامي بنيادن تي مرمتي ڪم ڪرائي بند جي پچنگ ڪرائي وڃي، ٻي صورت ۾ ميھڙ تعلقو ھڪ ڀيرو ٻيھر ٻوڏ جي ور چڙھي ويندو.

 

صابر ڪولاچي/ ميھڙ

هي وقت نوجوانن جي لاء ڪجهه ڪرڻ جو آهي!‎‎

 

پاڪستان تحريڪ انصاف يوٿ ونگ ڊويزن حيدرآباد جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ديپڪ ڪمار جيراماڻي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته پاڪستان جي معيشت کي پي ڊي ايم سرڪار تباهه ڪري ڇڏيو آھي، آءِ ٽي سيڪٽر کي بلڪل زيرو ڪري ڇڏيو آھي، پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ آءِ ٽي سيڪٽر اسان سڀني کان اڳتي آھي. اسان جي سياست اڃا تائين انتقامي ڪارروائين تائين محدود آھي، انڊيا ڊجيٽل مارڪيٽ جي ذريعي اربين رپيا ڪمائي رهيو آهي، اسان جا نوجوان اڃا تائين ڪجهه ناھي ڪمائي سگھيا. پاڪستان جي نوجوانن کي روزگار گهرجي جيڪو حڪومت نٿي ڏئي سگھي، عمران خان جي دور حڪومت ۾ ٻاھر جون ڪمپنيون پاڪستان اچي پنهنجو پراڊڪٽ ميڊ ان پاڪستان جي نالي سان ٺاھي ايڪسپورٽ ڪنديون هيون. آءِ ٽي سيڪٽر ترقي ۾ ھو ھلندي حڪومت کي ڪرائي معيشت جو ٻيڙو ٻوري ڇڏيائون منهنجي پريس ڪانفرن جو مقصد صرف نوجوان آھن، جيڪي پاڪستان جو سرمايو آھن. انٽرنيٽ جي ذريعي ٻاھرا پاڪستان ۾ ڪروڙين ڊالر پاڪستان ۾ قانوني طريقي سان اچي سگھن ٿا، نوجوانن جي ترقي لاءِ اپاءَ ورتا وڃن. هن حڪومت پاڪستان جي مشهور پارٽيءَ کي نشانو بڻائڻ بند ڪري، عمران خان جي پاڪستان جي نوجوانن جي آخري اميد آھي، ملڪ ۾ صاف ۽ شفاف چونڊو ڪرايون وڃن جيئن تازي حڪومت اچي پڪا اپاءَ وٺي سگھي اسان سڀني کي گھرجي ته نوجوانن لاءِ پڪا اپاءَ وٺو جيئن نوجوان ملڪ مان مايوس نه ٿين ۽ پنهنجي ملڪ ۾ رھي ڪم ڪن. مان پاڪستان جي فوج ۽ عمران خان شھباز شريف سميت سمورن سياستدانن کان مطالبو ٿو ڪريان ته ڊجيٽل مارڪيٽنگ کي پاڪستان ۾ قانوني حيثيت ڏني وڃي جيئن پاڪستان جا نوجوان ٻاھرا ڊالر پاڪستان ۾ کڻي اچڻ ۽ ملڪ جي معيشت مضبوط ٿئي ۽ ڪنهن کان به قرض وٺڻ جي ضرورت نه پوي.

سنڌي علي گل شيخ/ اوٻاوڙو

ڪراچيءَ جو قيدي!

 

ننڍو پرس ٺاهي مڪمل ڪيم، جنهن ۾ مون کي حياءَ جي معصوم ۽ پياري تصوير نظر آئي، هياءَ منهنجي ننڍڙي پاڻيجي آهي جيڪا مون کي سندس ماءُ جيان ئي عزيز آهي. شولڊرز ۽ بائسپس جي ورزش ريتيءَ وارين بوتلن سان ڪيم. سپاهي قادر گبول کي رشيد ڏيٿي جو نمبر ڏنم ته جيئن هو رشيد جا حال احوال وٺي اچي، منڇي يونس ملڻ آيو. هُن مون کي درخواست ڪئي ته آئون هُن کي به موتين جو ٺهي پرس ٺاهي ڏيان. هُن سان ملي هڪ ڏينهنف ضل مهر (حوالدار) هُن کي مونسان ڪچهري ڪندو ڏسي ورتو هو، جنهن کان پوءِ اُن ڏوهه ۾ ته هُن کي بيرڪ بدر به ڪيو ويو هو، آئون اهو سوچڻ تي مجبور ٿي ويو آهيان ته مون سان ملڻ، مون سان ڪچهري وغيره ڪرڻ سان قيدين ۾ ڪيئن بغاوت جا جراثيم پيد اٿي ويندا آهن. شام جو سپاهي رحمت الله ٽانوري ملڻ آيو، جنهن سان دير تائين ڪچهريون ٿيون. (04 مارچ 2023). جهادي منصور سان گڏجي پسار ڪيم، هڪ وڪيل نديم الحقن جي وڏي رهاڻ هلي. اڄ ذوالفقار عيل ڀٽو جي ورسيءَ جي ڪري ملاقات وغيره بند آهي. صفا شانتي لڳي پئي آهي. (05 مارچ 2023). رمضان آرڊيننس جي ڀڃڪڙي ڪندي داد بلوچ جي هٿن جي چانهه پي واڪ لاءِ نڪران ٿو. داد ۽ منظور سان پسار ڪيان ٿو. جهادي منصور ٻڌائي ٿو ته ان جي والد جو بسڪيٽ جو ڪم آهي ۽ اهو سمورو ڪاروبار هري پور هزاره ۾ هُن جا ڀائر سنڀاليندا آهن. هُن چيو ته اصل اسان سوات جا آهيون، باقي ڪاروبار جي ڪري هينئر سمورو گھر هزاره ۾ شفٽ ٿي ويو آهي، سواءِ بابا سائين جي، هن چيو ته بابا منهنجي ڪري ڪراچيءَ ۾ ترسيل آهي. هو جنهن وقت پنهنجي والد جو ذڪر ڪري رهيو هو ته ان وقت منهنجي ذهن ۾ بابا سائين جو اهوئي خواب اچي رهيو هو جنهن ۾ بابا سائين مون کي هدايت ڪري رهي اهئا ته جتي به رهجان پر پنهنجي ڀائرنگ کي پاڻ سان گڏ وٺي رهجان، ۽ آئون بابا سائين جو هٿ پڪڙي چئي رهيو هئس ته رئيس پاڻ سڀئي گڏجي رهنداسين، جنهن جي جواب ۾ هو بس مُرڪي رهيا هئا. مون کي محو سوچ ڏسي جهادي منصور چيو ته جهاد جي دنيا ۾ سڀ کان پهريان هڪ ئي شيءِ سيکاري ويندي آهي ۽ اُها اِها ته راز ايستائين راز هوندو آهي جيستائين اُهو رڳو توهان جي ئي سيني ۾ هجي. هُن جو ڳالهيون به هُن جيان پاڪ 7 صاف محسوس ٿيون. هُن ٻڌايو ته هو سنه 1983 ۾ ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو. اسان اڃا ڪچهري ڪري رهيا هئاسين ته ارماني ۽ حاجي بابا تمام گھڻو گوڙ ڪندي چيو ته پاڻي واري ٽانڪيءَ ۾ ٻلي مُئي پئي آهي…(جاري)

 

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل ڪراچي