اشو آف دي ڊي لاڙ گهري ٿو پاڻي….سوشل ميڊيا تي مهم

0
536

لاڙ ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي آواز اٿاريو ويو، تڪ جي چونڊيل نمائندن مٿان تنقيد ڪئي وئي، حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته لاڙ کي پاڻي ڏنو وڃي، ان سلسلي ۾ لاڙ نيڊز واٽر هيش ٽيگ ٽرينڊ هلايو ويو، جنهن ۾ حصو وٺندي مجاهد بلوچ لکيو ته پاڻي جياپو آهي، اسلم لاشاري لکيو ته لاڙ کان پاڻي کسي هتان جي زميندارن کي زمينون کپائڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي جيئن پ پ کي ذولفقار آباد منصوبي جي پيڙھ جو پٿر رکڻ ۾ آساني ٿئي، هن سنگين معاملي تي ڌيان ڏنو وڃي، پرڪاش ميگهواڙ لکيو ته بدين پياسو آهي بدين کي پاڻي ڏيو، مهراڻ ميمڻ لکيو ته ڪي فور منصوبي تحت ڪينجھر مان بحريه ٽائون کي سالن کان پاڻي ڏنو ويندو آھي. نتيجو اھو نڪتو آھي جو ھاڻ ٺٽي سميت سموري لاڙ لاءِ پوکائي ته پري جي ڳالھه پئيڻ لاءِ پاڻي ناھي بچيو. ناٿن رام لکيو ته پاڻي تي سڀني جو حق آهي، اعجاز پنهور لکيو ته سنڌ حڪومت عوام کي ڪهڙي سهولتن سان نوازيو آهي؟ سواءِ تڪليفن جي، وقت جا حڪمران تنهنجي پيئڻ جي پاڻي اچي ٿو دبئي مان سو به منرل ڇا جيئڻ جو حق صرف توکي آهي، پنهنجي A.C واري ڪمري کان ٻاهر نڪري ٿورڙو ڪنهن آسن ۽ اميد ۾ ليئو پائي ته ڏس ته زندگي ڇا آهي، نصير ڪلمتي لکيو ته لاڙ جي زمين بنجر ٿيڻ کان بچايو، لاڙ کي پاڻي ڏيو، عطا سنڌيار لکيو ته لاڙ کي پاڻي ڏيو، مقبول چارڻ لکيو ته پنجاب فلڊ ڪئنال وھائي ڇڏيا، سنڌ جي احتجاج کي نظر انداز ڪري چشما جھلم لنڪ ڪئنال، ٿل ڪئنال، سي آر بي سي ڪئنال، ٽي پي ۽ ڪڇي ڪئنال وسيلي پاڻي کڻي آئيني، قانوني، انساني ۽ اخلاقي ڏوھ ڪيو آھي، جنھن تي سخت احتجاج ڪرڻ جي ضرورت آھي. مجاهد بلوچ لکيو ته پاڻي ناهي ته زندگي ناهي، پرڪاش ميگهواڙ لکيو ته پيئڻ لاءِ پاڻي ڏيو، عاصم چانڊيو پڻ پاڻي ڏيڻ جي گهر ڪئي، شبير ڀٽي لکيو ته جاري آهي، جاري رھندي، جنگ اسان جي جاري رھندي، ان کانسواءِ عبدالجبار ڀنڀرو، رزاق چانڊيو، عرفان گوپانگ، عبدالحئي مغل، حفيظ هنڱورو، ذوهيب احمد پيرزادا، ڪامريڊ نظير جان سنڌي، سرمد سنڌي، سرتاج احمد، مقبول مانجهند، بلال ٽالپر، اوشال کوسو، لطف علي هليو، علي سنڌي، آڪاش ڪورائي، ايڊووڪيٽ مجيب حفيظ الله پنهور، مصري مسڪين، اقصيٰ ڪينجهر جمالي، نديم وڳڻ، سردار فهد ڪرناڻي، صالح سمون، مير ڪلمتي، علي رضا شاهه، راجا ڏهر، رابيل سيال، سڄڻ پرمار، سيد محبوب بخاري، لطف علي هالو، راجا وحيد، اقبال جکرو، مجيد سنڌي، مهتاب راءِ لڌاڻي، غلام نبي سمون، ذاڪر شاهه، محمد خان بجاراڻي، لالچند مصري،امتياز سمون، شيراز آرائين، عبدالله چانڊيو، اقبال سنڌي، سکيو ايس لاشاري، خدا ڏنو شاهه، ، ۽ ٻين ٽرينڊ ۾ حصو ورتو، هنن چيو ته پاڻي زندگي آهي جيئڻ لاءِ پاڻي ڏيو، حڪومت کي فوري طور نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ لاڙ ۾ پاڻي جي کوٽ جو مسئلو حل ڪرڻ گهرجي، بدين، سجاول، ٺٽو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن، لاڙ جي زندگين کي بچايو، لاڙ کي پاڻي ڏيو، هٿرادو پاڻي کوٽ ختم ڪئي وڃي. زراعت جو وزير لاڙ جو، ڊپٽي اسپيڪر لاڙ جي، ٺٽي سجاول ۽ بدين مان چونڊيل نمائندا، ڪجهه صلاحڪار ڪٿي آهيو، لاڙ کي تباهه ٿيڻ کان بچايو، ڇا ماڻهن اوهان کي ووٽ ان لاءِ ڏنا هئا؟ پاڻي جو مسئلو حل ڪيو وڃي.