سوال/سروي ون ويلنگ تي پابندي جو مطالبو: ون ويلنگ ڪندڙن کي گرفتار ڪري ڏنڊ سان گڏ قيد جي سزا ڏني وڃي: عوام

0
510

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته موٽرسائيڪل جي ون ويلنگ جي جنون ڪيترن ئي نوجوانن کان حياتيون کسي ورتيون آهن، حڪومت کي ون ويلنگ روڪڻ لاءِ ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ون ويلنگ خلاف سخت قانون ٺاهيو وڃي، ون ويلنگ تي مڪمل طور پابندي لڳائي وڃي، ون ويلنگ ڪندڙ کي گرفتار ڪيو وڃي، 5 لک رپيا ڏنڊ لڳايو وڃي، 5 سالن تائين قيد جي سزا تجويز ڪئي وڃي. وڌيڪ نوجوانن جون حياتيون بچائڻ لاءِ حڪومت کي سخت قدم کڻڻا پوندا، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي آفتاب لغاري لکيو ته ون ويلنگ ڪندڙن خلاف ٽريفڪ پوليس کي سخت ھدايتون جاري ڪرڻ گهرجن ۽ ون ويلنگ ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، حاڪم علي ڪٽوهر لکيو ته نوجوان پنهنجي زندگي جو خيال پاڻ رکن، نماڻو نوناري لکيو ته ون ويلنگ سان ڪيترن ئي نوجوانن حياتيون وڃائي ڇڏيون آهن، سرڪار کي قدم کڻڻ گهرجن، طارق سهتو لکيو ته نوجوان ون ويلنگ ڪري پنهنجي پيارن جون عيد جون خوشيون خراب نه ڪن، وقاص ياسين لکيو ته حڪومت کي سخت ايڪشن کڻڻ کپي . دادو ضلعي ۾ ڪيترائي ون ويلنگ ڪندڙ پنهنجون حياتيون وڃائي چڪا آهن . ون ويلنگ ڪندڙ کي سزا ڏني وڃي، ڪامريڊ منان چانڊيو لکيو ته ون ويلنگ ڪندڙ اوباش نوجوانن لاءِ اهڙي خطرناڪ حرڪت ڪرڻ تي حڪومت پاران قيد جي سخت سزا تجويز ڪرڻ سان گڏوگڏ سندن موٽر سائيڪلون پڻ ضبظ ڪيون وڃن، مرڪ منان چانڊيو لکيو ته حڪومت مختلف مامرن ۾ عوام سان ڪهڙا ڀال ڀلايا آھن يا انهن جي مشڪل ڪشائي ڪئي آھي جو هاڻي وري ان منجهان اميد رکي سگهجي. تنهنڪري نوجوانن کي گهرجي ته پنهنجي قيمتي جانين سان کيڏڻ بند ڪن ۽ سندن والدين کي به گهرجي ته اهي پنهنجي اولاد کي اهڙين غير سنجيدگين کان سخت تنبيهه ڪن. گل حسن لکيو ته ڪبوتر جي شوق ۾ به ڪيترائي ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا آهن، ون ويلنگ روڪڻ رڳو حڪومت جي نه پر سڀني جي ذميواري آهي، ريحان ٻٻر لکيو ته ون ويلنگ هڪ خطرناڪ نشو آهي. جنهن ڪيترن ئي نوجوانن کي موت جي گهاٽ چاڙهيو آهي. اڄ ڀي نوجوان ننڍي توڙي وڏن شهرن ۾ روڊن تي قطارن سان ون ويلنگ ڪندا آهن، پوليس ون ويلنگ يا غلط موٽر سائيڪل هلائڻ تي فوري طور چالان ڪري، ڳرو ڏنڊ لڳايو وڃي، نوڪرِ حسين ميمڻ لکيو ته ون ويلنگ ڪندڙن کي ڪجهه پنهنجي گهر وارن جو به سوچڻ گهرجي، حنيف رضا بلوچ لکيو ته ون ويلنگ بلڪل ڪيتريون انساني جانيون ڳڙڪايون آهن ۽ ڪيترن ئي مائرن جا لال ان کان جدا ڪيا آهن ون ويلنگ روڪڻ لاءِ سڀ کان پهريان ته پوليس مان سياسي ۽ آفيسر شاهي جي مداخلت ختم ٿيڻ گهرجي ڇاڪاڻ جو اڪثر ون ويلنگ ڪرڻ وارا نوجوان سياسي اثر رسوخ رکندڙ نڪري پوندا آهن، آصف علي شاهه لکيو ته سختي ڪئي وڃي ته نوجوان پاڻ ئي سڌري ويندا، غلام قادر مراداڻي لکيو ته ون ويلنگ ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪري کين گرفتار ڪري ڪجهه ڏينهن جيل ۾ رکي پوءِ ڏنڊ وصول ڪيو وڃي. ڪاشف ڪنڀر لکيو ته ون ويلنگ ڪندڙ تي ڪيس داخل ٿيڻ کپي. ضياءُالرحمان ناريجو لکيو ته جنھن ٿاڻي جي حد ۾ ڪو ماڻھو ون ويلنگ ڪري ته ان کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي ويھاري انھن جي والدين کي گھرايو وڃي نوجوانن کي وارننگ ڏني وڃي، ثناءُالله چنا لکيو ته ون ويلنگ تي مڪمل پابندي لڳائي وڃي، حمادالله ڪنڀر لکيو ته والدين کي خبردار ڪرڻ گهرجي، عمران ميراڻي لکيو ته حڪومت کي گھرجي ت ون ويلنگ ڪرڻ وارن جي خلاف ھڪ سخت قانون پاس ڪيو وڃي جيئن قانون جي ڀڃڪڙي ڪوئي نه ڪري سگھي ۽ون ويلنگ ڪرڻ وارن جون حياتيون بچي سگهن، ضمير بلوچ لکيو ته پوليس چاهي ته اهو مسئلو ئي حل ٿي سگهي ٿو، قربان عالياڻي لکيو ته حڪومتي سرپرستي ۾ ون ويلنگ ٿيندي آھي پوليس ساٿاري جو ڪم ڪندي آھي، نياز ڪلوئي لکيو ته حڪومت کي تمام سخت قدم کڻڻ کپن، فيصل وزير مري لکيو ته ون ويلنگ ڪندڙ مٿان 5 لک رپيا ڏنڊ لڳايو وڃي، 5 سال قيد جي سزا ڏني وڃي، غلام حسين ڀٽي لکيو ته پوليس جو ڪردار تماشائي وارو ٿي ويو، عالم پالاري لکيو ته موٽروي روڊ سميت اھم شاھران تي اڪثر نوجوان ون ويلنگ ڪندي اڪثر نظر اچن ٿا انتظاميا خاموش تماشائي بنيل هوندي آهي، سينگار علي لکيو ته اسان جي شھر فريدآباد ۾ نوجوان موٽرسائيڪل جي ون ويلنگ جي جنون ڪيترن ئي نوجوانن کان حياتيون کسي ورتيون آهن حڪومت کي ون ويلنگ خلاف قدم کڻڻ گهرجي، ظفر رند لکيو ته حڪومت کي گهرجي ته ون ويلنگ خلاف سخت قانون ٺاهي ۽ ان تي سختي سان عمل ڪرائي، امام سنڌي لکيو ته حڪومت جو ڏوھ ئي ناهي والدين کي گهرجي ته ننڍي عمر جي نوجوانن کي موٽر سائيڪل نه ڏين، امين ٿهيم لکيو ته نوجوان ون ويلنگ تڏهن نه ڪندا جڏهن انهن خلاف ڪارروائي ٿيندي، عرفان سيلرو لکيو ته جنهن ٿاڻي جي حد ۾ ڪو واقعو ٿئي يا ڪو حادثو ٿئي اتان جي ايس ايڇ او خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي، حبيب راڄپر لکيو ته اهو معاملو يا ون ويلنگ ڪندڙم کي پوليس پڪڙي ڏنڊ لڳائي 6 مهينا قيد جي سزا ڏني وڃي، عبدالجبار بلوچ لکيو ته پوليس کي قدم کڻڻ گهرجن، شربت جعفري لکيو ته اسان جي ضلعي ڪشمور ۾ ته نوجوان سرعام روڊن تي ون ويلنگ ڪري پاڻ کي ۽ ٻن روڊ سان ايندڙ ويندڙ مسافرن کي به نقصان پهچائن ٿا، مظفر شبير بوزدار لکيو ته ون ويلنگ هجي يا ريس ٻنهي هميشه ڪئي جانيون ڳڙڪايون آهن اسان وٽ قانون آهي مگر عمل ناهي،وفا بابو پٺاڻ لکيو ته ون ويلنگ ڪندڙن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن، اصغر حسين لکيو ته حڪومت کي قدم کڻڻ گهرجن، نعمان غوري لکيو ته جنهن ٿاڻي جي حد ۾ واقعو ٿئي اتان جي ايس ايچ او خلاف ڪيس ٿيڻ گهرجي.