اسڪينڊل نه پر ڪم سان سڃاڻپ ٺاهڻ چاهيان ٿي:ڪنزا هاشمي

0
297

ڪراچي (شوبز نيوز) من موهڻي اداڪارا ڪنزا هاشمي چيو آهي ته منهنجي خواهش آهي ماڻهو ڪنهن اسڪينڊل نه پر ڪم جي ڪري مون کي سڃاڻين.ڪنزا هاشمي تازو هڪ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن پنهنجي ڪم ۽ سوشل ميڊيا تي ٽرولنگ جي حوالي سان ڳالهايو.هن چيو ته مان چاهيان ٿي جڏهن به منهنجو نالو ورتو وڃي ته منهنجي ڪم جي ڪري ورتو وڃي، نٿي چاهيان ته منهنجو نالو ان ڪري ورتو وڃي ته ان جون ڪهڙيون خبرون آيون يا ڪنهن ان جي باري ۾ ڇا چيو آهي.سندس چوڻ هو ته مون وٽ ان لاءِ وقت ناهي هوندو ته سوچيان ڪيئن مشهور ٿيڻو آهي، مان چاهيندي آهيان ته رڳو ڪم سٺو هجي.