زرنش خان رنگ تي تبصرو ڪندڙ مٿان ڪاوڙجي پئي

0
380

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان ڊراما انڊسٽري جي اداڪارا زرنش خان رنگ تي تبصرو ڪندڙ مٿان ڪاوڙجي پئي. تفصيل موجب اداڪارا اڇي رنگ جي لباس ۾ نڪتل پنهنجي تصوير شيئر ڪئي، ان تي مختلف ماڻهن پنهنجي پنهنجي راءِ ڏني جڏهن ته زين نالي صارف لباس ۽ سندس ڄنگهن جي ڀيٽ ڪندي تنقيد ڪئي. جنهن تي زرنش خان ڪاوڙجي پئي ۽ چيو ته اڇو يا ڪارو رنگ الله طرفان هوندو آهي، تنقيد نه ٿيڻ گهرجي. زرنش خان چيو ته ماڻهن کي پنهنجي اکين ۾ به جاچڻ گهرجي.