هينا پنچل سميت 22 ڄڻا غيرقانوني پارٽي مان گرفتار

0
621

نئين دهلي (شوبز نيوز) ڀارت ۾ مشهور اداڪارا هينا پنچل سميت 22 ڄڻا غيرقانوني پارٽي مان گرفتار ڪيا ويا. ڀارتي ميڊيا جي هڪ رپورٽ موجب ڀارتي پوليس ڳجهي اطلاع تي مهاراشٽر رياست جي ناشڪ شهر ۾ هڪ عمارت تي ڇاپو هنيو، ڇاپي دوران هينا پنچل سميت 6 داڪارائن۽ ٻين کي گرفتارڪيو ويو. پوليس کي اطلاع مليو هو ته عمارت ۾ جسم فروشي لاءِ پارٽي ٿي رهي آهي. پوليس موجب گرفتار ٿيل نشي جي حالت ۾ هئا سندس ٽيسٽ ڪئي وئي آهي. وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.