ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ يو اي اي منتقل: گنگولي تصديق ڪري ڇڏي

0
380

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ)ڪورونا وائرس جي ڪري ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کي ڀارت کان يو اي اي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي صدر سارو گنگولي به ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ڀارت مان يو اي اي منتقل ڪرڻ واري فيصلي تصديق ڪئي آهي. ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته ڪورونا سبب ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ منعقد ڪرائڻ ممڪن ناهي رهيو، ٽورنامينٽ جي تاريخن جو اعلان آءِ سي سي کي ڪرڻو آهي. ڀارتي بورڊ جي نائب صدر راجيو شڪلا چيو ته موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ شفٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، تاريخن ۾ ڪابه تبديلي ناهي ڪئي وئي، ڪواليفائر ميچز عمان ۾ به ٿي سگهن ٿيون.