مٽياري: ماڇي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 11 ڄڻا زخمي

0
381
ٽنڊو آدم ۽ ميهڙ ۾ مبينا پوليس

مٽياري(ن پ ا) ڀاڻوٺ ۾ ماڇي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿيڻ جي نتيجي 11 ڄڻا زخمي، ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي سول اسپتال حيدرآباد منتقل، پوليس موجب ماڇي برادري جي ٻن ڌرين ۾ موٽر سائيڪل ڏيڻ وٺڻ تان جهيڙو ٿي پيو جنهن سبب 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا، هڪ ڌر جي زخمين ۾ معشوق، سجاد، ارشاد ،غلام ،خدا ڏنو، مختيار شامل آهن، ٻئي ڌر جي زخمين غلام رسول، حبيب الله، غلام حسين، علي گل ۽ ٻيا شامل آهن جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.