نئون دمبالو (ن پ ا) نئون دمبالو ويجهو آرائين ڳوٺ ۾ اسڪول جي سهولت نه هئڻ خلاف رهواسين پنهنجي معصوم ٻارن سان گڏجي مظاهرو ڪري، ڌرڻو هڻي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. تفصيل موجب نئون دمبالو ويجهو آرائين ڳوٺ جي رھواسين حيات آرائين، گل ڀيل ۽ لکي احمداڻيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ سخت احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته اسان جو ڳوٺ انگريزن جي دور کان آباد آهي پر ھتي اسڪول نه آهي، جنهن سبب اسان جا معصوم ٻار تعليم جھڙي زيور کان محروم آهن. هنن ٻڌايو ته هڪ غيرسرڪاري تنظيم ڳوٺ ۾ اسڪول هلائڻ جي ڪوشش ڪئي پر سياسي ڀوتار ان کي ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ چاهين ٿا، جيڪو سراسر ظلم آهي. ھنن مطالبو ڪيو ته ڳوٺ ۾ اسڪول قائم ڪري ٻارن جو مستقل محفوظ بڻايو وڃي.