ڦلجي اسٽيشن (ن پ ا ) گرلس هاءِ اسڪول ڦلجي جي بلڊنگ تباهہ ٿي وئي آهي ۽ شاگردياڻيون تعليم لاءِ دربدر آهن، ان ڏس ۾ گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول ڦلجي اسٽيشن جي بلڊنگ زبون هئڻ سبب شاگردياڻين جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي، اسڪول جي بلڊنگ کي پڙهڻ جي لائق نہ چئي اڳوڻي ڊي او سيڪنڊري نظير چانڊيو اسڪول بند ڪرايو، جيڪو گذريل ڇهن مهينن کان بند آهي جڏنهن تہ مرمتي ڪم پڻ شروع ناهي ٿيو، اسڪول جي هيڊمسٽريس فتح خاتون، ارشاد پنهور، شمشاد زئور، افشان پنهور ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيو تہ گذريل چئن سال کان گرلس هاءِ اسڪول جي مختلف ڪمرن جا چاپڙ ڪرندا رهيا، بلڊنگ جي مرمت ڪرائڻ بدران ڇهن مهينن کان اسانکي دربدر ڪرڻ لاءِ گرلس هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ ويهاريو ويو آهي، هنن چيو تہ ٽوٽل 550 شاگردياڻيون آهن، 16 ٽيچرس آهن جن لاءِ رڳو چار ڪمرا متبادل طور ڏنا ويا آهن، ڊائريڪٽر اسڪول حيدرآباد آسري ۾ رکيو آهي تہ گرلس اسڪول جي بلڊنگ نئي ٺهندي جڏهن تہ اهڙو ڪو بہ ڪم شروع ناهي ٿيو، ٽيچرس وڌيڪ دانهيو تہ سيڪنڊري اسڪول ۾ سهولتن جي پڻ کوٽ آهي، پيئڻ جو پاڻي ناهي، اسڪول جي اسٽاف سبب شاگردياڻين کي پڻ پريشاني جو منهن ڏسڻو پوي ٿو، جنهن سبب شاگردياڻين کي والدين اسڪول نٿا ڇڏن، اسانجي اسٽيشنري جي سامان جي چوري پڻ معمول آهي، اسانکي تعليم ڏيڻ ۽ شاگردياڻين کي پرائڻ ۾ سخت تڪليفن جو مُنهن ڏسڻو پوي ٿو، ڪيترائي ڀيرا اختيارين توڙي چونڊيل نمائندن کي لکت ۾ ۽ زباني آگاهہ ڪيو آهي، پر ڪير بہ شاگردياڻين جي تعليم ۽ پريشاني لاءِ سنجيده ناهي، هنن سنڌ جي وڏي وزير، تعليم کاتي جي صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو تہ گرلس اسڪول ڦلجي جي شاگردياڻين جي تعليم بچائڻ لاءِ فوري طور نوٽيس ورتو وڃي.