اڪري چودڳي (ن پ ا) اڪري چودڳي شهر ۾ هڪ ئي رات چور ميڊيڪل اسٽور ۽ ڪريانه جي دڪان کي کاٽ هڻي هزارين رپيا روڪ ۽ لکين رپين جو سامان کڻي فرار ٿي ويا، ان حوالي سان متاثر دڪاندارن عابد چنو ۽ نياز چنو احتجاج ڪندي چيو ته چور چوري ڪري ويا آهن پر پوليس ڪوبه تحرڪ نه ورتو آهي، هنن چيو ته شهر ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي، نوٽيس وٺي امن قائم ڪرايو وڃي.