سنجهورو (ن پ ا) سنجهوري ٿاڻي جي حد چڪ 29 جمڙائو مان پرائمري استاد شبير حسين جٽ جي گهر مان چوري ٿيل 9 تولا سون هٿ ڪري ورتو، جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو. سنجهوري ٿاڻي جي حد مان پرائمري ماستر شبير حسين جٽ جي گهران سون ۽ ڪجهه روڪ رقم چوري ٿي هئي، جنهن ۾ مالڪن شڪ جي بنياد تي ڪجهه نالا ڏنا هئا جنهن ۾ سندن ڀائيٽي عامر جٽ ولد مقبول جٽ جو نالو به شامل هو جنهن جي سرڪاري پيري کان پيرا ڀيٽ ڪرائي هئي جنهن ۾ سندس پيرن جي تصديق ٿي هئي ۽ کيس ان وقت ئي گرفتار ڪري پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي هئي. ايس ايچ او سنجهورو چيو ته گرفتار جوابدار جاچ دوران پنهنجو ڏوهه قبوليندي لڪايل 9 تولا سون بابت پوليس کي ٻڌايو جنهن کي ريڪور ڪيو ويو آھي ۽ گرفتار جوابدار مٿان ڪيس داخل ڪيو ويندو.