ڪراچي/ملير (رپورٽ: شاهد ميراڻي ۽ نازشر ) پي ٽي آءِ  جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته خدا جي واسطي اسٽيبلشمينٽ سياسي انجنيئرنگ نه ڪري، ٽيڪنوڪريٽ نه پر اسان ئي ملڪ کي بحران مان ڪڍي سگهون ٿا. ڪالهه هتي عورت ڪارڪنن جي ڪنوينشن کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي هن چيو ته ملڪ جي موجوده بحران جو ذميوار اڳوڻو آرمي چيف جنرل باجوه آهي، اسان هن وقت جتي بيٺل آهيون، انهيءَ ۾ وڏو هٿ باجوه جو آهي، جنهن وٽ طاقت هئي، مون شوڪت ترين کي وٽس موڪليو هو ته اسان جي مضبوط حڪومت کي نه ڊاٺو وڃي.  بدقسمتي سان اسان جي اسٽبلشمينٽ ماضيءَ مان سبق ناهي پرايو، هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ خدا جي واسطي پوليٽيڪل انجنيئرنگ نه ڪري،  ماضيءَ ۾ ٿيل پوليٽيڪل انجنيئرنگ جو ملڪ کي نقصان ٿيو آهي. بدقسمتي سان اسان اڄ به سياسي انجنيئرنگ ٿيندي ڏسون پيا. ڪراچي ۾ متحده جي ڌڙن کي گڏايو پيو وڃي، باپ اڳواڻ پ پ ۾ شامل پيا ٿين، ڏکڻ پنجاب ۾ پ پ کي سگهارو ڪيو پيو وڃي، پنجاب ۾ وري نواز ليگ کي آڻڻ جا جتن پيا ٿين، ڪي پي ۾  پي ٽي آءِ کي ڪمزور ڪرڻ جي راند پئي هلي، هن چيو ته ملڪ کي ٽيڪنوڪريٽ نه پر پي ٽي آءِ بحرانن مان ڪڍي سگهي ٿي، انهيءَ لاءِ شفاف چونڊون ڪرايون وڃن. هن چيو ته پوليٽيڪل انجنيئرنگ نه ٿي ته اسان جي حڪومت اچي ويندي، باقي انجنيئرنگ ذريعي آندل ڪمزور سيٽ اپ سان ملڪ هلي نه سگهندو. هن چيو ته اسان جن کان خيرات گهرون پيا، اهي پاڪستان کي قسط ڏيڻ لاءِ ملڪي سلامتي جي وڏي قيمت ادا ڪرڻ لاءِ زور ڀريندا، اسان (حڪمرانن ڏانهن اشارو) وري ٺاهه ڪري ملڪ جو مستقبل خطري ۾ وجهي اها قيمت ادا ڪنداسين. هن چيو ته ملڪ ۾ مضبوط حڪومت آندي وڃي ته جيئن واپارين ۽ سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿئي. هن چيو ته اسان جون حالتون سري لنڪا واريون آهن، سڀني ادارن کي چوان ٿو ته ملڪ هٿن مان نڪري ويندو. مون پنهنجي پهرين انٽرويو ۾ ملڪ جي سري لنڪا ٿيڻ واري ڳالهه ڪئي هئي، جنهن تان مونکي غدار ڪوٺيو ويو. هن چيو ته اٽي جي قيمت آسمان تي پهتل آهي، شهري اٽي لاءِ پريشان آهن، ميرپورخاص ۾ هڪ شهري اٽي جي ٿيلهي لاءِ پنهنجي حياتي وڃائي، اهڙي صورتحال وڌڻ واري آهي. هن چيو ته شهباز حڪومت ملڪ کي تباهه ڪرڻ جي ايجنڊا تي آيل آهي. هن عورتن کي مخاطب ٿي چيو ته هي جدوجهد اوهان  لاءِ سياست نه پر جهاد آهي، اوهان کي پنهنجي لاءِ نه پر ملڪ ۽ قوم لاءِ ميدان ۾ نڪرڻو پوندو. ڪنوينشن کي اسد عمر، علي زيدي، فردوس شميم نقوي ۽ ٻين خطاب ڪيو، هوڏانهن تحريڪ انصاف پاران مهانگائي خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ، اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل، ڪيپٽن (ر) جميل احمد، علي جوڻيجو ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ ملير15 کان قائدآباد ۽ ابراهيم حيدري رستي پپري تائين ريلي نڪتي، بعد ۾ پپري فوٽ بال گرائونڊ ۾ ٿيل جلسي کي اڳواڻن خطاب ڪندي  چيو ته امپورٽڊ حڪومت ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي،  مهانگائي ۾ واڌ سبب 20 رپين واري ماني 30 رپين جي ٿي وئي آهي، مرغي جو گوشت 600 رپين تي پهچي چڪو آهي، هنن چيو ته 30 سالن کان ملير تي پيپلز پارٽي جو قبضو آهي، مڪاني چونڊن ۾ ملير  مان پ پ کي نيڪالي ملندي