ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي پاران ڪراچي ۾ 15 جنوري تي رٿيل مڪاني چونڊن جي حوالي سان “ڪراچي سڀني جو” جي سري هيٺ بلاول چورنگي کان اسٽار گيٽ تائين ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ شرڪت لاءِ ڪراچي جي مختلف ضلعن مان پ پ جا قافلا بلاول چورنگي پهتا. جتان  پ پ ڪراچي ڊويزن جي صدر صوبائي وزير سعيد غني جي  اڳواڻي ۾ نڪتل ريلي ۾ هزارين جيالن توڙي جيالين شرڪت ڪئي. ريلي بلاول چورنگي کان بينظير ڀٽو پارڪ، تين تلوار، ڪراچي ڪلب، شاهراھ فيصل رستي ڪار ساز کان ٿيندي 3 ڪلاڪن ۾ اسٽار گيٽ پهتي، ڪارساز وٽ  ريلي ۾ شريڪ جيالن توڙي جيالين جيئي ڀٽو ۽  وزيراعظم بلاول جا نعرا هنيا. سڄي واٽ ڪارڪنن پ پ جي گيتن تي جهمريون هڻندا رهيا ريلي کي پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو، سينيٽر وقار مهدي، سعيد غني، جاويد ناگوري ۽ ٻين خطاب ڪندي هن چيو ته    ڪراچي سڀني ٻوليون ڳالهائيندڙن جو آهي. 15 جنوري تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن ۾ پيپلز پارٽي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي. هنن چيو ته عمران حڪومت آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪري ملڪ ۾ بدترين مهانگائي ڪئي. اسان مهانگائي کي ختم ۽ عوام کي سهولتون ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪريون پيا. هنن چيو ته سنڌ سرڪار ڪراچي شهر ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، عوام مڪاني چونڊن ۾ پ پ کي ڪامياب ڪندو، ڪراچي جو ميئر  پ پ جو ٿيندو