اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون 15 جنوري تي ڪرائڻ لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن. ذريعن موجب چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ بينچ جو محفوظ ڪيل فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو ۽ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون 15 جنوري تي ئي ٿينديون. ذريعن موجب ڪراچي ۽ حيدرآباد جي مڪاني چونڊون پراڻي ووٽر لسٽن تحت ئي ٿينديون، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جي اليڪشن جو شيڊول تبديل ناهي ٿيو رڳو تاريخ ملتوي ٿي.  ياد رهي ته گذريل ڏينهن چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا ايم ڪيو ايم جي درخواست تي ٻڌڻي دوران چيو هوته ڪراچي جي مڪاني چونڊون ۾ وڌيڪ دير نه ٿيندي ۽ مڪاني چونڊون 15 جنوريءَ تي ئي ٿيندي.