لاهور(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باغي ميمبر عبدلعليم خان کانپوءِ جهانگير ترين گروپ به نئين سياسي پارٽي قائم ڪرڻ وارين خبرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. عليم خان بيان ۾ چيو ته نئين سياسي پارٽي ۾ منهنجي شموليت جي حوالي سان خبرن ۾ ڪا صداقت نه آهي، آئون ڪنهن سياسي پارٽي ۾ شامل نه پيو ٿيان. هن چيو ته چوڌري سرور ۽ جهانگير ترين سان سٺو تعلق آهي پر سياست جو ارادو نه آهي، اڃا سڄي توجه فلاحي ڪمن تي آهي، سياسي معاملن کان ڌار آهيان. ٻئي طرف جهانگير ترين گروپ جي اڳواڻ عون چوڌري چيو ته جهانگير ترين يا عليم خان يا چوڌري سرور ڪا نئين سياسي پارٽي نه پيا ٺاهين، اسان حڪومت جو حصو آهيون ۽ حڪومت سان ئي بيٺا آهيون. هن چيو ته ترين گروپ مسلم ليگ ن جو اتحادي آهي ۽ رهندو ۽ ترين گروپ الڳ ڪا نئين سياسي پارٽي نه پيو ٺاهي.