ڄامشورو (رپورٽر) مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ٽيڪنالاجي ڄامشورو ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اسلم عقيلي  جو مدو ختم ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ سنڌ حڪومت پاران پروفيسر ڊاڪٽر طٰحه حسين علي کي نئون وقتي وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. اڳوڻي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اسلم عقيلي جو مدو 21 جنوري تي پورو ٿيو هو، نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کانپوءِ پروفيسر طٰحه حسين بلوچ عهدي جي چارج سنڀالي ورتي آهي. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايندڙ حڪمن تائين طٰحه حسين علي وقتي وائيس چانسلر رهندو،