اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير جعلي بينڪ اڪائونٽ ڪيس ۾ گرفتار ٿيل ٽن جوابدارن مسرور ميمڻ، وڪاش ۽ ڌرم وير کي 14 ڏينهن جي  جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه نيب اختيارين ڪراچي ڪورنگي جي اڳوڻي ميونسپل ڪمشنر مسرور ميمڻ، وڪاش ۽ ڌرم وير کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو، نيب جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته هي مامرو جعلي بينڪ اڪائونٽ واري ڪيس سان جڙيل آهي، هڪ پلاٽ جعلي بينڪ اڪائونٽن ذريعي خريد ڪرڻ سبب هي مامرو سامهون آيو، ڪورنگي ۾ تيل جي خريداري جي نالي تي ڪرپشن ڪئي وئي، جعلي ۽ اضافي بل تيار ڪري خزاني کي نقصان پهچايو ويو، ٽنهي جوابدارن جي گرفتاري وقت سندن وٽان سونا زيور، ملڪيتن  جا دستاويز ۽ ڪروڙين رپيا روڪ رقم ملي آهي، ان ڪيس ۾ شريڪ جوابدار محمد شفقت پهريان ئي نيب سان پلي بارگين ڪري چڪو آهي، جوابدارن کان اصل دستاويز حاصل ڪرڻ ۽ وڌيڪ جاچ لاءِ جوابدارن جو 14 ڏينهن جو جسماني رمانڊ ڏنو وڃي، جوابدارن جي وڪيل عدالت آڏو موقف اختيار ڪيو ته نيب جي موڪليل نوٽيس جو جواب ڏئي چڪا آهيون، گرفتاري جي ضرورت نه هئي، ٽن سالن کان هلندڙ انڪوائري ۾ سهڪار ڪيو آهي، ٽن سالن کانپوءِ اوچتو گرفتاري جوڳا وارنٽ جاري ڪرڻ سمجهه کان ٻاهر آهي، 14 ڏينهن جو رمانڊ گهرڻ ناانصافي آهي، رمانڊ ڏيڻو ئي آهي ته 3 ڏينهن جو ڏنو وڃي، نيب جوابدارن جي گرفتاري بابت لکت ۾ گرفتاري جا سبب عدالت آڏو پيش ڪيا، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مسرور ميمڻ جون 2014ع کان سيپٽمبر 2015 تائين ڪورنگي جو ميونسپل ڪمشنر رهيو، جنهن هڪ پيٽروليم سروس ڪمپني جي نالي تي هڪ ڪروڙ 98 لک کان وڌيڪ جعلي ۽ اضافي بلن تي صحيحون ڪيون، ان کانسواءِ مني لانڊرنگ واري رقم جعلي بينڪ اڪائونٽس ذريعي منتقل ڪيون ويون، ڪرپشن جي رقم ذريعي ڪراچي جي ڪنٽومينٽ واري علائقي ۾ گهر خريد ڪيو ويو.