ڪوٽڏيجي (ن پ ا) ڪوٽڏيجيءَ ۾ ارڙي شدت اختيار ڪري وئي، هڪ هفتي اندر ڪيترائي ٻارڙا موذي مرض ۾ مبتلا،  معصوم نينگري فوت، صحت کاتي ٽائيم نيوز تي خبر نشر ٿيڻ بعد نوٽيس ورتو. خبر موجب ڪوٽڏيجيءَ  ۾ هڪ هفتي اندر 20 کان وڌيڪ معصوم ٻار ارڙيءَ جي هاڃيڪار مرض ۾ مبتلا ٿي ويا. جڏھن ته ڳوٺ غلام مصطفيٰ بگٽي ۾ ٻن سالن جي معصوم نينگري عطيه بتول ڌيءُ جميل بگٽي اُرڙي وگهي فوت ٿي ويئي. علائقي واسين صحت کاتي جي عملدارن کان مطالبو ڪيو ته ارڙيءَ تي ڪنٽرول ڪري معصوم ٻارڙن جون قيمتي زندگيون بچايون وڃن. هوڏانهن ٽائيم نيوز تي خبرنشر ٿيڻ بعد صحت کاتي جي ٽيم ڊاڪٽر امان الله عباسي، ڊاڪٽر اقبال ٽالپر، ڊاڪٽر امير دين ڄامڙو ۽ ٻين ڳوٺ غلام مصطفيٰ بگٽي پهچي ارڙيءَ ۾ ورتل ٻارڙن جو چڪاس ڪري سيمپل ورتا.