اسلام ڪوٽ (ن پ ا) اسلام ڪوٽ ۾ ٿرڪول تي ڪم ڪندڙ ڪمپنين جي مبينا زيادتين خلاف رهواسين روڊ تي نڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي امير حسن راهمون،  ياسمين شاهه ۽ ٻين چيو ته ڪمپنين جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي، هنن چيو ته ڪمپنين جيڪي واعدا ڪيا انهن تي ٽڪي جو به عمل ناهي ٿيو، هنن چيو ته مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ بدران انهن کان ماني ڳڀو کسيو پيو وڃي، هنن چيو ته سوين ايڪڙ زمين خراب ٿيڻ سميت چوپايو مال مرڻ لڳو آھي، جڏهن ته هزارين  قديمي وڻ سڪي ختم ٿي ويا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته تڪڙا قدم کڻي مقامي ماڻهن جا مسئلا حل ڪيا وڃن،