ٽنڊو باگو (رپورٽ: احسان علي چانڊيو) ٽائون ڪاميٽي ٽنڊوباگو جي فائر برگيڊ گاڏي گذريل پنجن مهينن کان ٽائر ختم ٿي وڃڻ ڪري گيريج ۾ سرن تي بيٺل آهي، فائر برگيڊ گاڏي نه هلڻ ڪري باه لڳڻ ڪري ٽنڊوباگو جي ڀرپاسي ۾ ڪيترن غريبن جا اجھا سڙي رک ٿي ويا آهن. جڏھن ته ٽائون ڪميٽي ٽنڊوباگو ۾ هڪ  ڪروڙ جي ماهوار بجيٽ اچڻ باوجود ٽائون انتظاميا فائر برگيڊ گاڏي جا ختم ٿيل ٽائر وٺي نه سگهي آهي. ٽنڊوباگو جي سياسي سماجي ڌرين ۽ شهرين ڪپيل ديو سوني، فيصل چيما، سچل ھاليپوٽو ۽ ٻين چيو ته ٽائون ڪميٽي ٽنڊوباگو جي انتظاميا ڪيتري وقت کان وٺي فائر برگيڊ جي گاڏي جا ٽائر نٿي وٺي جنهن ڪري اوچتو باه لڳڻ ڪري غريب ماڻهن جا گهر سڙي رک ٿيو وڃن. هنن ڊپٽي ڪمشنر بدين کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته ٽنڊوباگو جي فائر برگيڊ گاڏي جا ٽائر وٺي فائر برگيڊ گاڏي کي ٺهرايو وڃي.