ڄامشورو (رپورٽر) ڄامشورو پوليس پاران مبينا طور کنڀي گم ڪيل نوجوان جي وارثن انڊس هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو آهي. خاصخيلي برادري جي عورتن، مردن توڙي ٻارڙن واجد خاصخيلي، غلام قادر خاصخيلي ۽ محمد خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ ڄامشورو پوليس خلاف پيٽارو ٽول پلازه وٽ انڊس  هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهنڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي. وارثن چيو ته اڄ صبح جو ايس ايڇ او ڄامشورو عبدالرزاق ڪمانڊو ۽ سول ڊريس ۾ اهلڪارن گهر تي چڙهائي ڪري بيگناهه نوجوان ساجد خاصخيلي کي کنڀي ويا آهن، پوليس اسان جي نوجوان کي گم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو ڪٿي به ڏس پتو ناهي. هنن چيو ته ايس ايڇ او ڄامشورو رزاق ڪمانڊو بااثرن جي ونگار وهي رهيو آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي خلاف مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺڻ وارو ڏوهه ڪيو آهي، جنهن تان نوجوان ساجد خاصخيلي کي اڪرو شريف مان کنڀي گم ڪيو ويو آهي، اسان جي نوجوان کي آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو جاري رهندو.