اسلام ڪوٽ (ن پ ا) اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ هوٿي جو تڙ ۾ نوجوان  جمال ولد محمد ايوب جو  ڳوٺ جي  جهنگ مان وڻ ۾ ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو،   اطلاع تي   پوليس پهچي نوجوان جو  وڻ ۾  ٽنگيل لاش لاهي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻي طرف  اسلام ڪوٽ  پوليس موجب ته فوتي نوجوان جي  وارثن جو چوڻ آھي ته  نوجوان جو دماغي توازن درست نه هو ۽ هن جو علاج به هلندڙ هو،هن پاڻ ڦاهو کاڌو آهي. اسان وڌيڪ ڪا به قانوني ڪارروائي ڪرائڻ نٿا چاهيون.