ٺاروشاھ/ڪنڊيارو (نمائندن وٽان) ٺاروشاهه ۾ گرفتاري کان بچڻ لاءِ مزاحمت تي نوجوان زخمي، پوليس پاران مقابلي جي دعويٰ، ان ڏس ۾ ٺاروشاهه ويجھو ڳوٺ پنهل سولنگي آخري اسٽاپ ڀرسان پوليس مبينا طور چڙهائي ڪري پورهيت آصف سولنگي کي  کنڀي وئي، نوجوان کنڀڻ خلاف وارث عورتن ۽ ڳوٺاڻن محمد سولنگي، ساجد سولنگي، نجمه، ثمينا سولنگي ۽ ٻين پاڪ ڪتاب کڻي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته اسان جو نوجوان آصف ڪراچي ۾ مزدوري ڪندو آهي، يوم عاشور جا ڏهاڙا ملهائڻ ڳوٺ آيل هو، ته ايس ايچ او ڪنڊيارو پوليس اٽالا ساڻ ڪري ڳوٺ تي چڙهائي ڪري نوجوان کي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي پوليس نوجوان کي ڄنگهه ۾ گولي هڻي کنڀي کڻي وئي آهي، هنن چيو ته پوليس ڪجھه نه ٿي ٻڌائي، نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف ڪنڊيارو پوليس مقابلي ۾ آصف ماڇي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ان ڏس ۾ ايس ايچ او مجيد آرائين ٻڌايو ته پوليس روپوش ڏوهارين جي گرفتارين لاءِ ڪنڌر لنڪ روڊ وڃي رهي هئي ته ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو، جنهن دوران ڏوهاري آصف ماڇي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو، سندس 2 روپوش ڀائر فرار ٿي ويا، پوليس موجب زخمي جوابدار تي 18 ڦر، چوري، پوليس مقابلي ۽ ڊيوٽي اٽڪاءُ جا ڪيس داخل آهن.