خانپورمھر (رپورٽ: شاد مھر) خانپورمھر ويجھو ڳوٺ نبي بخش عالماڻي تي پوليس چڙھائي، پوليس ۽ ڳوٺاڻن وچ ۾ ڇڪتاڻ، چڪريون، مبينا پوليس تشدد ۾ ھڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، مڇريل ماڻھن ٽن پوليس اھلڪارن کي يرغمال ب‍ڻائي ورتو، سموري ضلعي جي پوليس فورس طلب، ٽن ڪلاڪن بعد اھلڪار بازياب، عالماڻي برادري جو لاش پوسٽ مارٽم۽ دفنائڻ  کان اڳ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو مطالبو، مقتول جي پٽ جي فرياد تي ڇھن پوليس اھلڪارن سميت 8 ڄڻن مٿان ايف آء آر داخل، جسڪاڻي برادريءَ جا 2 ڄڻا ايف آءِ آر م نامزد، لاش پوسٽ مارٽم  بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. تفصيل موجب خانپورمھر ويجھو ڳوٺ نبي بخش عالماڻي تي خانپورمھر پوليس سب انسپيڪٽر صفدر بوزدار جي اڳواڻيءَ ۾ خانپور مھر مان آصف مڱڻھار جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل جي سلسلي ۾ واحد بخش عالماڻي جي گھر تي چڙھائي ڪئي. ان دؤران ڳوٺاڻن ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ مبينا طور ھڪ ٻئي مٿان فائرنگ پڻ ڪئي وئي. ڇڪتاڻ وڌي وڃڻ بعد پوليس ۽ ڳوٺاڻن ۾ چڪريون ٿيون. ان دؤران مبينا پوليس تشدد ۾ ھڪ ڄڻو 43 ورھين جو عبدالقادر عالماڻي مارجي ويو. واقعي بعد عالماڻي برادريءَ سوين ڏنڊا بردار مڇريل ٽن پوليس اھلڪارن زاھد چاچڙ، اڪرام جٽ ۽ صدام مھر کي يرغمال بڻائي ورتو. جڏھن ته ٻيا اھلڪار پوليس موبائيل ڇڏي فرار ٿي ويا. ان موقعي تي ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته قتل ۾ ملوث اھلڪارن خلاف ڪارروائي ٿيڻ تائين هو يرغمال بڻايل اھلڪارن کي نه ڇڏيندا. ان دوران پوليس ۽ گوٺاڻن ۾ ڇڪتاڻ وڌي وڃڻ کان پوءِ گھوٽڪي ضلعي جي وڌيڪ پوليس نفري طلب ڪئي وئي، جنھن بعد ڊي ايس پي ميرپور ماٿيلو اختر وسير ۽ انسپيڪٽر ذوالفقار مھر ڳوٺاڻن سان ڳالھيون ڪري ٽن ڪلاڪن بعد يرغمال بڻيل پوليس اھلڪارن کي بازياب ڪرايو. ڊي ايس پي اختر وسير ڳوٺاڻن کي خاطري ڪرائي ته پاڪ ڪتاب تي انڪوائري ڪئي ويندي. جيڪڏھن پوليس اھلڪار زيادتي ۾ ملوث نڪتا ته سندن خلاف سخت ايڪشن کنيو ويندو. پوليس ڳوٺاڻي جو لاش پنھنجي تحويل ۾ وٺڻ بعد پوسٽ مارٽم لاءِ خانپور مھر جي شيخ ھمدان اسپتال پھچايو، جتي ڳوٺاڻن ايف آءِ آر داخل ٿيڻ کان پھريان پوسٽ مارٽم ڪرائن کان انڪار ڪري ڇڏيو. اهڙي مطالبي تي پوليس مقتول عبدالقادر جي پٽ عبدالباسط عالماڻيءَ جي فرياد تي ڇھن پوليس اھلڪارن سميت اٺن ڄڻن سب انسپيڪٽر غلام صفدر بوزدار، جمعدار پنھل نوحاڻي، سپاھي ربنواز مھر، علي محمد سومرو، زاھد چاچڙ، سپاھي خادم راڄڙ سميت جسڪاڻي برادريءَ جي ديدار جسڪاڻي، غلام اڪبر جسڪاڻي ۽ ٻن نامعلوم جوابدارن مٿان قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪئي. ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوسٽ مارٽم ڪرائي لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.