سکر (بيورو رپورٽ) پي ڊي ايم سربراھ مولانا فضل الرحمان چيو آھي ته آرمي چيف جي مقرري معمول جو عمل آھي، اهو پھريون ڀيرو نه پيو ٿئي، عمران خان پنھنجي مرضيءَ جو آرمي چيف آڻڻ لاءِ ملڪ جي دفاعي، سياسي قيادت کي بليڪ ميل ۽ لانگ مارچ ڪري رھيو آھن. سڀاڻي جيڪڏھن آئون يا پ پ اھڙو مطالبو ڪري ته اسان جي مرضيءَ جو آرمي چيف ھجي ته پوءِ اسان جي دفاعي نظام جو ڇا ٿيندو اڳوڻي سينيٽر عبدالقيوم سومرو جي رھائش گاھ تي پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته عمران خان جو لانگ مارچ فرلانگ مارچ بڻجي چڪو آھي، لانگ مارچ اسان به ڪيا آھن، ھنن جو خبر ناھي ڪھڙو لانگ مارچ آھي. جيڪڏھن مظاهرين اسلام آباد ۾ اچي وڳوڙ ڪئي ته حڪومت امن امان جي قيام لاءِ قدم کڻندي. مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته معيشت جي بھتري طرف سفر شروع ٿي ويو آھي. ملڪ کي درپيش چئلينجن کي منھن ڏيڻ لاءِ گڏجي ويھڻو پوندو، حڪومت ۾ شامل سموريون جماعتون متحد ۽ ھڪ ٽيم وانگر ڪم ڪري رھيون آھن. هن جو چوڻ هو ته اليڪشن ۾ حصو وٺڻ ھر پارٽيءَ جو حق آھي، وقت ٻڌائيندو ته ڪھڙي پارٽيءَ سان سيٽ ايڊجيسٽمينٽ ڪرڻي آھي ۽ ڪنھن سان ناھي ڪرڻي. اِن کان اڳ آصف زرداري جي ويجھي ساٿي، پ پ ڇڏي جي يو آءِ ۾ شموليت ڪندڙ اڳوڻي سينيٽر عبدالقيوم سومري مولانا فضل الرحمان ۽ علامه راشد محمود سومرو کي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا.