ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ناڻي واري  اڳوڻي  وفاقي وزير  سينيٽر شوڪت ترين   ۽ ناڻي واري اڳوڻي ترجمان مزمل اسلم چيو آهي ته شهباز  حڪومت ۽ وفاقي وزير اسحاق ڊار ملڪ کي ڊفالٽ کان بچائڻ جي ڪوڙي دعويٰ ڪري رهيا آهن،  هن وقت  پاڪستان کي 18 ارب ڊالرن جي اضافي ضرورت آهي، جڏهن ته اسحاق ڊار جي ڊالر کي 200 رپين تائين آڻڻ واري  دعويٰ به پوري نه ٿي آهي، آءِ ايم ايف جي شرطن تحت ٽيڪس وڌائڻو پوندو، جنهن سان مهانگائي وڌندي، ڪالهه هتي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هنن چيو ته وفاقي حڪومت کان ڪي پي سرڪار کي پئسا نه پيا ملن، جنهن سان صوبائي ملازمن کي پگهارون ڏيڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، هن چيو ته شهباز حڪومت معيشت کي بهتر بڻائڻ جي دعويٰ سان آئي هئي، انهن جي نااهلي ۽ غلط پاليسين سبب مالياتي خسارو ٻيڻو ٿي ويو آهي، حڪومتي دعوائن باوجود معاشي چيلنجز وڌي رهيا آهن، هن چيو ته آءِ ايم ايف کي 750 ارب رپيا ٻوڏ متاثرن تي خرچ ڪرڻ لاءِ راضي ڪرڻ گهرجي ها، هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڊاڪٽر عائشه پاشا ۽ اسحاق ڊار چيو هو ته پاڪستان کي ڊفالٽ کان بچائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته حقيقت وري ٻي آهي، گذريل سال معاشي واڌ 6 سيڪڙو  هئي جيڪا هيل گهٽجي 2 سيڪڙو ٿي وئي آهي، ٽيڪس وصولي ۾ لاٿ ٿي آهي ،  سي پي آءِ نمبرز 40 سيڪڙو ٿي ويا آهن، هن وقت 75 سيڪڙو ڊفالٽ جو خطرو موجود آهي. هن چيو ته فيڪٽريون بند ٿيڻ ڪري بيروزگاري ۾ 92 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. هن مطالبو ڪيو ته  اسان کي ڪيش جو فلو ڏيکاريو ته معاملا ڪيئن آهن؟ هن چيو ته حڪومت  ڪامياب جوان پروگرام به بند ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته اسان کي سستي تيل  لاءِ ايران نه پر روس وٽ وڃڻ کپي، هن چيو ته منهنجي آڊيو ليڪ کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو