اسلام آباد (بيورو رپورٽ) شگر ملز ايسوسيئيشن ملڪ ۾ کنڊ جو ضرورت کان وڌيڪ اسٽاڪ ظاهر ڪرڻ ۾ ناڪام، حڪومت ۽ شگر ملز ايسوسيئيشن ۾ ڳالهيون ڊيڊ لاڪ جو شڪار  ٿي ويون آهن، حڪومت شگر ملز پاران کنڊ جو گهڻو مقدار موجود هجڻ جي دعويٰ رد ڪري ڇڏي، فوڊ سيڪيورٽي جي وفاقي وزير طارق بشير چيما چيو آهي ته شگر ملز ايسوسيئيشن اسٽاڪ جي مجموعي صورتحال کان آگاهه نه ڪيو آهي، سنڌ ۾ ڪمند جي پيداوار ۾ 40 سيڪڙو گهٽتائي جو امڪان آهي، هن چيو ته جيستائين اسٽاڪ جي صورتحال واضح نه ڪئي ويندي  کنڊ جي ايڪسپورٽ جي اجازت نه ٿا ڏئي سگهون، ائين نه ٿئي جو ڪمند جي پيداوار گهٽ ٿئي ۽ اسان کي کنڊ امپورٽ ڪرڻي پئجي وڃي، ٻاهران کان مهانگي کنڊ امپورٽ ڪري ڪيس ڀوڳڻ نه ٿا چاهيون، خميس تي شگر ملز ايسوسئيشن سان ٻيهر ڳالهيون ٿينديون.هوڏانهن ناڻي جي وفاقي وزير اسحاق ڊار سان پاڪستان شگر ملز ايسوسيئيشن (پي ايس ايم اي) جي چيئرمين عاصم غني عثمان جي سربراهي ۾ وفد ملاقات ڪئي، پي ايس ايم اي جي چيئرمين عاصم غني عثمان ناڻي وزير شگر انڊسٽري کي پيش ايندڙ مسئلن، کنڊ جي اسٽاڪ جي موجودگي ۽ کنڊ جي ايڪسپورٽ ڪرڻ جي مطالبي بابت آگاهه ڪيو، ان موقعي تي ناڻي وزير اسحاق ڊار عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ لاءِ کنڊ جي اسٽريٽجڪ ذخيرن ۽ کنڊ جي قيمتن کي برقرار رکڻ تي زور ڏنو، ناڻي وزير وفد کي مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.