اسلام آباد (بيورو رپورٽ) زراعت بابت خصوصي ڪاميٽي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ڳالهائيندي فوڊ سيڪيورٽي جي وفاقي وزير طارق بشير چيما چيو ته ٽريڪٽر جي قيمت 30 لک رپين تائين پهچي وئي آهي، ان جو ڪنهن نوٽيس نه ورتو آهي، سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي امدادي قيمت 4 هزار رپين جو اعلان ڪيو آهي، اعلان کان پهريان سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي امدادي قيمت 2800 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو، سنڌ حڪومت سان ڪڻڪ جي امدادي قيمت بابت ڳالهيون ٿيون آهن، سنڌ ڪابينا کي امدادي قيمت تي نظر ثاني جي تجويز ڏني آهي، ملڪ ۾ ڪڻڪ جي پيداوار مان حڪومت صرف 20 سيڪڙو ڪڻڪ خريد ڪندي آهي، ڇا ڪو ڏهاڙي وارو مزدور 32 سئو رپين جو اٽي جو ٿيلهو خريد ڪري سگهي ٿو؟ هن انڪشاف ڪندي چيو ته وزيراعظم جو هاري پيڪيج اڃا تائين نوٽيفائيڊ نه ٿيو آهي، بجلي جي ٽيرف بابت به مامرا اڃا تائين حل نه ٿيا آهن، واپار جي وفاقي وزير سيد نويد قمر چيو ته اجلاس ۾ شگر انڊسٽري سان ڳالهائڻ لاءِ صنعت پيداوار جو وزير نه آيو، هن چيو ته صنعت وزارت ۽ صوبائي نمائندن کانسواءِ اجلاس جو فائدو نه آهي، شگر ايڊوائيزري بورڊ فوڊ سيڪيورٽي وزير جي نگراني ۾ ڪم ڪندو آهي اهو جواب ڏئي سگهي ٿو، پنجاب مان چونڊيل ميمبر نواب شير وسير چيو ته ڪڻڪ ملڪ لاءِ اهم فصل آهي، هن چيو ته شگر ملون وقت سر هلنديون ته ڪڻڪ جو فصل وقت سر ٿي سگهندو، معين وٽو چيو ته هڪ زرعي ملڪ ۾ ڪڻڪ جي امپورٽ خطرناڪ عمل آهي، هن ڀيري به ڪڻڪ جي امدادي قيمت وقت تي مقرر نه ٿي سگهي آهي، ذوالفقار علي بهڻ چيو ته شگر ملون ڪمند خريد ڪن، شگر ملون آبادگارن کي ٻن سالن تائين ادائگيون نه ٿيون ڪن، شگر انڊسٽري ڪمند جي ريسرچ تي به ڌيان ڏئي،  افضل ڌانڌلا چيو ته شگر ملون نه هلڻ سان اسان لاءِ به تڪن ۾ مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن، مهناز اڪبر عزيز چيو ته زرعي قرضن کي ٽيڪس سان لنڪ نه ڪيو وڃي. فوڊ سيڪيورٽي جي وفاقي وزير طارق بشير چيما چيو ته ڪمند جي 300 رپيا في مڻ امدادي قيمت تمام وڏي شرارت آهي، ڪاميٽي چيئرمين چيو ته ان مامري جو حل ڇا آهي، جنهن تي طارق بشير چيما چيو ته ان مامري جو واحد حل هي آهي ته منهنجي بدران نويد قمر کي شگر ايڊوائيزري بورڊ جو سربراهه بڻايو وڃي، شگر انڊسٽري سان مامرا خميس ڏينهن طئه ڪري سگهجن ٿا، ڪڻڪ جي امدادي قيمت جو فيصلو وفاقي ڪابينا ڪندي، هن چيو ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جي پوکي جو  وقت ختم ٿي چڪو آهي، شگر ملون هلرائڻ صوبائي مامرو آهي وفاقي حڪومت جو ان ۾ ڪو ڪردار ناهي، هن چيو ته هارين کي  روڪ امداد جي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڊيٽا استعمال ڪنداسين.