اسلام آباد يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن کي تنگ ڪرڻ وارا واقعا: ڊاڪٽر قادر مگسي جو سراج الحق سان رابطو

0
364

حيدرآباد: اسلام آباد يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن کي هراسان ڪرڻ وارن واقعن تي ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جماعت اسلامي جي امير سراج الحق سان رابطو ڪيو آهي

ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ جماعت اسلامي جي امير سراج الحق وچ ۾ اسلامڪ يونيورسٽي جي شاگردن ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ ختم ڪرائڻ لاءِ ڪردا ادا ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي

سراج الحق سان رابطي بعد ڊاڪٽر قادر مگسي ڄام عبدالفتاح سميجو تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي

اسلام آباد ۾ ايس ٽي پي ۽ جماعت اسلامي جي اڳواڻن جي نگراني ۾ شاگرد گروپن ۾ ڳالهيون ٿيون آهن

ٻنهي شاگرد گروپن ۾ گذريل واقعن کي وساري گڏيل طور تعليمي سرگرمين تي ڌيان ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي

ھي به پڙھندا

سنڌ يونيورسٽي جي کنڀيل 4 شاگردن جي گرفتاري ظاهر