سنڌ يونيورسٽي جي کنڀيل 4 شاگردن جي گرفتاري ظاهر

0
821

ڄامشورو پوليس سنڌ يونيورسٽي جي کنڀيل 4 شاگردن جي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي آهي

پوليس شاگرد ارسلان آريسر، زوهيب لاکو، آڪاش لاکو ۽ عبدالقدوس آريسر کي 4 ڏينهن اڳ کنڀي وئي هئي

ايس ايس پي عمران قريشي پهريان شاگردن جي گرفتارين کان اڻڄاڻائي ظاهر ڪئي، پر جڏهن وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ته پوءِ پوليس شاگردن جي گرفتاري ظاهر ڪئي

پوليس پاران چئني شاگردن جي گرفتاري ظاهر ڪندي چيو ويو آهي ته کين دهشتگردي ۽ رياست خلاف ڳالهائڻ جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي

پوليس موجب چئني شاگردن جي گرفتاريءَ لاءِ پوليس پاران ارسلان آريسر جي فليٽ تي ڇاپو هڻڻ واري وڊيو به سامهون اچي وئي

وڊيو ۾ پوليس وارا شاگرد کي تلاشي وٺڻ لاءِ فليٽ جو دروازو کولڻ لاءِ چوندي نظر اچي رهيا آهن

ھي به پڙھندا

سنڌ سان ايڪتا ملهائڻ جو ڏوهه: سنڌ ورسٽي پوليس اسٽيٽ ۾ تبديل، اٽالن جو گشت، سخت چيڪنگ