ڪراچي(م ڊ) بلغاريا سان واسطو رکندڙ اکين جي نور کان محروم عورت وانجيليا گشتروو عرف بابا وانگا جون 2023 لاءِ به ڪجهه ڇرڪائيندڙ اڳڪٿيون سامهون آيون آهن. 1996 ۾ بلغاريا جي صوفيا ۾ لاڏاڻو ڪري ويل نابينا عورت بابا وانگا کي نوسٽراڊيمس وومين جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو، اهو چيو ويندو آهي هن 5079 تائين انسانن جي مستقبل بابت اڳڪٿيون ڪيون آهن. سندس چوڻ آهي ته 5079ع ۾ دنيا ختم ٿي ويندي. سندس اڳڪٿي آهي ته 2023ع ۾ دنيا جو مدار تبديل ٿي وينو جنهن سان تباهي آڻيندڙ واقعا ٿيڻ جو خدشو آهي. جيڪڏهن زمين سج جي ويجهو ٿي ته تابڪاري، گرمي پد ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيندو، پر جي زمين سج کان پري ٿي ته ٿڌ وڌي ويندي ۽ سردي ۾ اضافو ٿيندو. هن جي اڳڪٿي آهي ته شمسي سونامي ايندي، ان سان دنيا ڏانهن اربين ايٽم بمن جيترا طاقتور تابڪاري مادا ايندا، ان سان بجلي بند ٿي سگهي ٿي ۽ ٽيڪنالاجي تباهه ٿي ويندي. هن اهو به چيو آهي ته دنيا جو هڪ وڏو ملڪ انسانن تي حياتياتي هٿيارن جا تجربا ڪندو جنهن سان هزارين ماڻهو مرڻ جو خدشو آهي. سندس اها به اڳڪٿي آهي ته 2023ع ۾ ايٽمي بجلي گهر تباهه ٿيندو جنهن جو يوڪرين ۾ خطرو آهي. هن جي اڳڪٿي آهي ته قدرتي طور تي ٿيندڙ ڄم تي پابندي لڳندي ۽ انسان ليبارٽرين ۾ پيدا ٿيندا. والدين بارن جي مهانڊن ۽ خاصيتن، وارن جي رنگ جو فيصلو ڪري سگهندا.