ڪراچي(م ڊ) سينئر صحافي سليم صافي دعويٰ ڪئي آهي ته اڳوڻو وزيراعظم عمران خان ۽ اڳوڻو آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوه جنرل فيض حميد کي نئون آرمي چيف بڻائڻ تي متفق هئا پر عمران جي گهرواري جي صلاح تي جنرل فيض کي ڊي جي آءِ ايس آءِ جي عهدي تان نه هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. نجي ٽي وي تي پنهنجي پروگرام ۾ هن چيو ته 2018 جي چونڊن کان ڪجهه ڏينهن اڳ باجوه عمران کي حڪمران بڻائڻ لاءِ سرگرم رهيو، مون کيس سمجهايو هو ته هو توهان کي نواز شريف ۽ آصف زرداري کان وڌيڪ پريشان ڪندو. پر هن اها ڳالهه نه مڃي. هن چيو ته جنرل باجوه ۽ عمران ٻڻهي جي خواهش هئي ته فيض حميد جنرل باجوه کانپوءِ آرمي چيف بڻجي، ان لاءِ هنن گڏيل صلاح سان کيس ڪورڪمانڊر لڳائڻ جو فيصلو ڪيو پر عمران جي گهرواري جي صلاح تي فيصلو تبديل ڪيو ويو. جنهن تان ڇڪتاڻ ٿي. هن چيو ته جنرل باجوه سان ڊبل گيم ٿيندو رهيو پر هاڻ عمران الزام هڻي پيو ته ساڻس ڊبل گيم ڪيو ويو.