اونٽاريو(م ڊ) ڪئناڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو پاڪستاني نسل جي مسلمان خاندان جي چئن ڀاتين جي قتل تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته ڪئناڊا جا مسلمان نسل پرستي جي خوف جو شڪار آهن، ڪو سمجهي ٿو ته ملڪ ۾ نسل پرستي ۽ اسلاموفوبيا نه آهي ته اهي زخمي ٻارڙي سان ڪيئن اکيون اکين ۾ ملائي سگهندا ته ملڪ ۾ اسلاموفوبيا نه آهي اسلاموفوبيا ملڪ ۾ موجود آهي. ان کان اڳ واقعي خلاف هائوس آف ڪامنز ۾ ٻن منٽن جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. جسٽن ٽروڊو چيوته خوف ۾ مبتلا عورتون به اهو ئي ٻڌائينديون ته اسلاموفوبيا حقيقت آهي. اسان کي اسلاموفوبيا خلاف اٿي کڙو ٿيڻو پوندو. ان خاندان جو قتل دهشتگردي هئي. ٻئي طرف ملڪ ۾ ان واقعي خلاف ڪاوڙ جي لهر آهي. لنڊن جيان ٽورنٽو، وينڪوور ۽ بين شهرن ۾ به تعزيتي ميڙاڪا ڪيا ويا آهن. جسٽن ٽروڊو به تعزيتي ميڙاڪي ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ هزارين ماڻهن ميڻ بتيون، گل ۽ ڪارڊ کڻي شرڪت ڪئي. اپوزيشن اڳواڻ ايرن او ٽول، اين ڊي پي اڳواڻ جگميت سنگهه ۽ ٻيا به تقريبن ۾ شريڪ ٿيا.