ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي) ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت بحريا ٽائون ۾ ڀڃ ڊاهه، چڙ ڏياريندڙ تقريرن سميت ٻين ڪيسن ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي سميت 5 اڳواڻن کي 2 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. جڏهن ته عدالت ڌرڻي بعد گرفتار ڪيل 120 ڪارڪنن کي 14 ڏينهن لاءِ عدالتي ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. ڪالهه ملير پوليس جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي کي بڪتر بند گاڏي ۾ اي ٽي سي ڪورٽ ڪلفٽن ۾ پيش ڪيو، ٻڌڻي دوران عدالت پڇيو ته صنعان قريشي ڪٿي آهي؟ مٿس تشدد ته نه ڪيو اٿن؟ جنهن تي صنعان خان قريشي عدالت کي ٻڌايو ته مون کي اکين تي پٽيون ٻڌي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي، اهي منھنجي گھر ۾ داخل ٿياآھن، مون کي فون ڪن ھا ته پاڻ ھليو وڃان ھا، رات ٻيهر منهنجي گهر تي ريڊ ڪري منهنجن مهمانن کي کڻي ويا آهن. انهي دوران وڪيل چيو ته صنعان خان کي 3 ڏينهن گم رکيو ويو ، اسان رڙيون پيا ڪريون ته ٽارچر پيا ڪن، توھان وري صنعان کي انھن پوليس وارن حوالي پيا ڪريو، جنهن تي عدالت جاچ آفيسر سان مخاطب ٿيندي چيو ته صنعان خان قريشي جو جسماني ريمانڊ ڇو کپي ؟ جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته صنعان خان قريشي کي 10 ڏينهن لاءِ جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو وڃي، کانئس سندس ساٿين بابت پڇا ڳاڇا ڪرڻي آهي. عدالت جاچ آفيسر جي استدعا رد ڪندي صنعان خان قريشي کي 2 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪندي سڀاڻي جمعي تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ٻئي پاسي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران سنڌي قوم کي ڏوراپا ڏيندي چيو ته بابا بشير خان قريشي ۽ منهنجو چاچو سنڌ ۽ سنڌي قوم خاطر قربان ٿي ويا، اسان سنڌي قوم جي ڪري ڏک سهون پيا، اڄ مون تي ڏکيو وقت آھي، جنھن نموني سان سنڌي قوم کي منهنجو ساٿ ڏيڻ گھرجي ھا، اهو ساٿ ناهي ڏنو ويو. هن وڌيڪ چيو ته منھنجا حوصلا بلند آھن، آئون ساھ جي آخري سڳي تائين جنگ جوٽيندس، هن چيو ته مون بحريا ٽائون تي حملي جي پهريان به مذمت ڪئي هئي، اڄ به ڪريان ٿو، جن بحريا ٽائون جو گهيراءُ ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي، اسان جو انهن سان ڪو تعلق ناهي پر پوءِ به مون سان دھشتگردن جهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته آئون ڪو ڏوهاري نه هئس، رات جو 4 وڳي منهنجي گهر تي چڙهائي ڪري گهر ڀاتين تي هٿيار سڌا ڪيا ويا. هن چيو ته آئون جڏهن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وٽ حراست ۾ هئس، انهي دوران ڪالهه رات منهنجي گهر تي ٻيهر چڙهائي ڪري منهنجن مهمانن کي کنڀيو ويو،منهنجي ننڍي ڀاءُ کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو هن چيو ته مون کي حراست ۾ تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي، آئون ڪو دهشتگرد ناهيان جو اهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. صنعان قريشي چيو ته منھنجي گھر مٿان ايئن حملو ڪرڻ دھشتگردي آھي، سنڌي قوم انهي دهشتگردي جو نوٽيس وٺي. هن چيو ته منهنجي گهر تي جن به چڙهائي ڪئي، آئون انهن خلاف ايف آءِ آر ۽ عدالت ۾ ڪيس داخل ڪرائيندس.