اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت ڊي جي ايف آءِ اي واجد ضياءَ کي هٽائي ڇڏيو، سندس جاءِ تي ثناءُالله عباسي کي مقرر ڪيو ويو، وفاقي حڪومت ڊي جي ايف آءِ اي واجد ضياءَ کي بدلي ڪري ڇڏيو، آءِ جي ڪي پي ڪي ثناءُالله عباسي کي ڊي جي ايف آءِ اي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واجد ضياءَ کي ڊي جي نيشنل پوليس بيورو مقرر ڪيو ويو، معظم جاهه کي آءِ جي خيبرپختونخوا مقرر ڪيو ويو ۽ سلطان الدين محسود ڪمانڊنٽ ايف سي مقرر ڪيو ويو. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن آءِ جي آزاد ڪشمير شهاب الدين خان کي عهدي تان هٽائي کيس ايف سي جو ڪمانڊنٽ مقرر ڪيو آهي، واجد ضياءَ سپريم ڪورٽ پاران پاناما ليڪس ۾ نواز شريف ڪيس جي ٺاهيل جي آءِ ٽي جو سربراهه رهيو اهڙي جاچ بعد کيس گريڊ 22 ڏنو ويو هو ۽ کيس ڊي جي ايف آءِ اي مقرر ڪيو ويو هو، ذريعن موجب واجد ضياءَ جا اهم حڪومتي شخصيتن سان اختلاف هلندڙ هئا جيڪي مختلف ايف آءِ اي جي آپريشن جي حوالي سان هئا. واجد ضياءَ جلد رٽائر ٿيڻ وارو آهي انکان اڳ ئي کيس عهدي هٽايو ويو ان کان اڳ اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ کي به رٽائرمينٽ کان اڳ او ايس ڊي بڻايو ويو هو، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن 9 مهينن کان پوءِ رٽائرڊ ٿيندڙ پوليس گروپ جي گريڊ 22 جي آفيسر واجد ضياءُکي عهدي تان هٽائي ڊائريڪٽر جنرل نيشنل پوليس بيورو مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو.