ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايف آءِ اي ڪراچي جي اختيارين پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل اسد عمر کي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ 25 مئي تي طلب ڪري ورتو،  ان ڏس ۾ ايف آءِ اي اينٽي مني لانڊرنگ سيل جي ڊپٽي ڊائريڪٽر عبدالرئوف شيخ  اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر کي نوٽيس موڪلي 25 مئي تي دستاويزي ثبوتن سميت پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي، نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو ته 15 اپريل 2013ع تي اوهان جي گھر مان بينڪ عملي لڳ ڀڳ 3 ڪروڙ رپيا وصول ڪري اها رقم پي ٽي آءِ جي جناح اوينيو اسلام آباد برانچ ۾ جمع ڪرائي وئي، 5 مئي تي وري هڪ ڪروڙ وصول ڪري جمع ڪرايا ويا ،  اهڙي ريت بي نامي اڪائونٽن مان رقم پي ٽي آءِ جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي وئي، اوهان سڄي صورتحال کان واقف آهيو، اوهان 25 مئي تي4 ڪروڙ رپين جي دستاويزن سان  ايف آءِ اي آفيس پهچي جاچ ۾ شامل ٿيو،