ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي وارن واقعن ۾ گرفتار اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کان چالان طلب ڪري ورتو، ان موقعي تي عمران اسماعيل جو چوڻ ھو ته مون تي ڪو پريشر ناھي، پارٽي ڇڏيندڙن کي پريشر جي خبر ھوندي، منهنجون  ھمدرديون عمران خان سان گڏ آھن، ھن چيو ته پي ٽي آءَ ڪراچي جو صدر آفتاب صديقي پنھنجي مرضيءَ سان پارٽي ۾ آيو ھو، هن پنھنجي مرضي سان ئي پارٽي ڇڏي آھي، هوڏانهن9 مئي واقعن ۾ ملوث پي ٽي آءِ ايم پي اي فردوس شميم نقوي کي ضمانت نه ملي سگھي، عدالت جيل سپرنٽينڊنٽ کي فردوس شميم نقوي کي ميڊيڪل بورڊ آڏو پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ميڊيڪل بورڊ فردوس شميم نقوي جو معائنو ڪري  طبيعت بابت راءِ ڏي، ان موقعي تي فردوس شميم نقوي جي وڪيل ٻڌايو ته فردوس نقوي ڪينسر ۽ ٻين سنگين بيمارين ۾ مبتلا آهي، مناسب طبي سهولتون نه ملڻ سبب فردوس شميم نقوي جي صحت کي سخت خطرو آهي، عدالت دليل ٻڌڻ کانپوءِ ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي 24 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، واضح رهي ته فردوس شميم نقوي جوڊيشل رمانڊ تي جيل ۾ آهي،ٻئ طرف  سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم پي او تحت نظربند ڪارڪنن کي ڪراچي کان ٻاهر منتقل نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ 10 ڪارڪنن  جي نظربندي خلاف داخل درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي سنڌ سرڪار کان جواب طلب ڪري ورتو، ڪالهه  وڪيل چيو ته اهڙن نوجوانن کي به گرفتار ڪيو ويو،  جن جا امتحان جاري آهن.