لاهور (م ڊ) جناح هائوس تي حملي جو هڪ مک جوابدار ۽ پي ٽي آءِ جو مک اڳواڻ منظر عام تي آيو آهي جنهن معافي به گھري ورتي آهي. ان ڏس ۾ جناح هائوس تي حملي جي وڊيو ٺاهيندڙ جوابدار نعمان شاهه سامهون آيو آهي  جيڪو ان ڏينهن شرپسندن کي باهه لڳائڻ تي ڀڙڪائي رهيو هو ۽ پاڪ فوج خلاف اڻوڻندڙ ٻولي استعمال ڪري رهيو هو. لاهور ڪينٽ جي رهواسي پي ٽي آءِ وارڊ ٻه جي نائب صدر نعمان شاهه جو هاڻي اعترافي بيان سامهون آيو آهي، جنهن ۾ هن چيو ته هن پارٽي جي ڳالهين ۾ اچي جناح هائوس تي حملو ڪيو. نعمان شاهه چيو جيڪو ڪجھه ٿيو ان تي هو شرمسار آهي ۽ معافي گهري ٿو.  ٻئي پاسي 9مئي واقعن ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتارين جو سلسلو جاري ريڊيو پاڪستان ۾ باهه لڳائيندڙ مک جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. پشاور پوليس موجب پڪا غلام علائقي مان موسيٰ خان کي گرفتار ڪيو ويو آهي ريڊيو پاڪستان ۾ باهه لڳائيندڙ ٻين جوابدارن جي گرفتارين لاءِ ڪارروائي جاري آهي