اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي اسپيڪر راجا پرويز اشرف تحريڪ انصاف اڳواڻن جي اسيمبلي ۾ واپسي جي اپيل تي ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو. پي ٽي آءِ اڳواڻن قومي اسيمبلي اسپيڪر راجا پرويز اشرف سان ملاقات ڪئي، پي ٽي آءِ وفد ۾ عامر ڊوگر، ڪنول شوزب، ساجدا بيگم، عامر ڪياني، عاصمه حديد، امجد نيازي، ظل هما، شوڪت علي ڀٽي، فيض الله، خرم شهزاد ۽ طاهر صادق شامل هئا. قومي اسيمبلي جي جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب ملاقات ۾ استعيفائن جي منظوري تي ڳالهه ٿي ۽ پي ٽي آءِ وفد استعيفائن جي منظوري جا قدم واپس وٺڻ جي اپيل ڪئي. قومي اسيمبلي اسپيڪر جواب ڏنو ته قانون، آئين ۽ قومي اسيمبلي جي ضابطن تحت استعيفائون منظور ڪري چڪو آهيان، هر هر خط موڪلڻ باوجود پي ٽي آءِ جو ڪو ميمبر حاضر نه ٿيو، اسد قيصر ۽ عامر ڊوگر جي سربراهي ۾ آيل وفد کانپوءِ استعيفائون قبول ڪرڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو هو. هن چيو ته اسد قيصر جي سربراهي ۾ آيل وفد استعيفائون منظور ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي، آئون آئين، قانون ۽ قومي اسيمبلي جي ضابطن جو پابند آهيان، ڇا ميمبرن استعيفائون پنهنجي مرضيءَ موجب نه ڏنيون هيون؟.